منھڙو ڀرسان 6 گھرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

0
261

منھڙو(ن پ ا) منھڙو ڀرسان ڳوٺ سومر خان جمالي ۾ جمالي برادري جي 6 گھرن کي باھ لڳي وئي، حوت سومرو، ماڻڪ، عزيزالله، محمد رفيق ۽ غلام قادر جمالي جا گھر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن جو چوڻ آهي ته دونھين مان اچانڪ چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سمورو الهه تلهه سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويو، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن جن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.