منيب مونکي ڀيڻ چوندو هو: ايمن خان جو انڪشاف

0
903

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا ايمن خان پنهنجي مڙس منيب بٽ بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته منيب مونکي ڀيڻ چوندو هو، ايمن خان جو اهو انڪشاف هڪ انٽرويو ۾ سامهون آيو آهي. اداڪارا جو ثمينه پيرزادا کي ڏنل هڪ انٽرويو ڪلپ وائرل ٿيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته منيب سان شوٽنگ دوران سندس پهرين ملاقات ٿي هئي اسان هڪ ٽيلي فلم ۾ گڏ ڪيو هو ان وقت آئون ننڍڙي هيس بعد اسان جي وچ۾ ڪوبه رابطو نه ٿيو. هن چيو ٻيهر جڏهن اسين ملياسين ته دوستي ٿي وئي، هن چيو ته والدا سامهون منيب چوندو هو ايمن منهنجي ننڍڙي ڀيڻ آهي. هن ٻڌايو ته منيب سان مڱڻي کان اڳ 4 سال اسان جي گهري دوستي پڻ رهي.