منهنجو وزن 16 ورهين جي عمر ۾ 75 ڪلو هو:آئمه بيگ

0
399

لاهور (شوبز نيوز) گلوڪارا آئمه بيگ چيو آهي ته منهنجو وزن 16 ورهين جي عمر ۾ 75 ڪلو هو. تفصيل موجب پاڪستان جي ڀلوڙ گلوڪارا آئمه بيگ هڪ ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ان موقعي تي هن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ منهنجو وزن تمام گهڻو هو انڪري اڪثرماڻهو چيڙائيندا هئا. آئمه بيگ چيو ته مونکي ڊينگي بخار ٿيو ان بعد وزن وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي ويو. هن چيو ته ان کان اڳ مون پنهنجو وزن گهٽائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيس.