”منهنجو ننڍپڻ ڪابل“ باليووڊ فنڪارن جو دلچسپ رد عمل

0
239

ممبئي (شوبز نيوز) افغانستان ۾ طالبان جي قبضي کانپوءِ بالي ووڊ جي مشهورت شخصيتن پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.ناليواري اداڪارا ريا چڪروردي افغانستان ۾ موجود عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي حوالي سان ڳالهائيندي انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي.هن چيو ته هن وقت جڏهن دنيا ۾ عورتون پگهار جي برابري جي لاءِ وڙهي رهيون آهن افغانستان ۾ عورتن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.اداڪارا چيو ته افغانستان ۾ عورتن ۽ غير ملڪين جي حالت ڏسي دل ٽُٽِي پئي آهي.هن عالمي حڪمرانن تي ان خلاف آواز اٿارڻ تي به زور ڏنو جڏهن ته آخر ۾ ريا لکيو ته عورتون به انسان آهن،هڪ ٻئي ڀارتي اداڪارا ۽ ڊاريڪٽر ٽسڪا چوپڙا پنهنجي ننڍپڻ تصوير شيئر ڪندي ان تي لکيو ته ”منهنجو ننڍپڻ ڪابل“ ان تصوير/ تي دل ٽٽڻ جو ايموجي به ٺاهيو.اداڪارا عاليا ڀٽ جي ماءُ اداڪارا سوني رازدان به افغانستان جي صورتحال تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.هن گذريل ڏينهن ڀارت جي يوم آزادي جي موقعي تي ٽوئيٽ ڪيو ته جڏهن هڪ ملڪ پنهنجي آزادي جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي ته ان وقت ٻيو ملڪ پنهنجي آزادي وڃائي رهيو آهي، هيءَ دنيا ڇا آهي؟باليووڊ جي هدايتڪار شيکر ڪپور به افغانستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو.