منشا پاشا ڪنگنا رناوت کي مٿي ڦريل قرار ڏئي ڇڏيو

0
297

ممبئي(شوبز نيوز)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا منشا پاشا ڀارتي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت کي مٿي ڦريل عورت قرار ڏئي ڇڏيو. اداڪارا هڪ ٽڪ ٽاڪ شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ڪيترن ئي موضوعن تي کُلي ڪري ڳالهايو ۽ دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.

شو جي ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته توهان جو ۽ ڪنگنا رناوت جو بحث ڇا تي ٿيو هو؟ اداڪارا چيو ته مونکي صحيح طريقي سان ياد ناهي ته ڪنگنا رناوت سان ڪهڙي ڳالهه تي بحث ٿيو هو پر ڪنگنا عجيب مٿي ڦريل عورت آهي، ڇو ته هوءَ ڪنگنا رناوت آهي ته انکي ڪير ڀلا ڇا ٿو چئي سگهي. واضح رهي ته گذريل سال نريندر مودي جي حمايت ڪرڻ تي منشا پاشا اداڪارا ڪنگنا کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.