ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ “ٻُڙي- درگذر” جي ضرورت

0
149
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

هن ملڪ ۾ معاشي بحران ته انتهائي ڳنڀير ٿي چڪو آهي، پر سيڪيورٽي بحران کان به اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. جهڙي نموني سان ڪجهه ڏينهن کان دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، منتظمين کي تنهن تي ڳڻتي نه هئڻ به هڪ وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ملڪ جا ٻه صوبا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان دهشتگرد ڪارروائين جو مرڪز بڻجندا وڃن ۽ هاڻي ته پنجاب ۾ به دهشتگرديءَ ڪَر کڻڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو تازو مثال ميانوالي ايئربيس تي ٿيل حملو آهي، جنهن جي ذميواري، خبرن موجب، “جهاد تحريڪ” نالي هڪ غير معروف تنظيم قبولي آهي. هاڻي جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي ته دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن شفاف اليڪشن جي انعقاد جي حوالي سان غير يقيني ۽ ابهام پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت جڏهن عام چونڊن جي حوالي سان جوڙ ٽوڙ ۽ نيون سياسي صف بنديون ٿيڻ لاءِ سرگرمين جو آغاز ٿي چڪو آهي، چونڊ مهم جي سلسلي ۾ به اجتماع ۽ جلسا ٿيندا ته حڪومت کي دهشتگرديءَ کي چٿڻ وارين دعوائن جي چائنٺ ٽپي عمل ڏانهن وک وڌائڻي پوندي ۽ “ٻڙي درگذر” (Zero Tolerance) جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن سڀني کي چونڊ مهم هلائڻ ۽ عوام تائين رسائيءَ جا هڪ جهڙا موقعا ميسر ٿي سگهن، جنهن جي لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جو اصطلاح استعمال ٿي رهيو آهي.

ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي ۽ نگران حڪومت ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران اهڙا فيصلا ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جنهن جو ان کي اختيار ئي نه آهي. نگران حڪومت جو ڪم شفاف اليڪشن ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ آهي ته جيئن جمهوريت جو تسلسل برقرار رهي پر سمجهڻ جي اها ڳالهه آهي ته شفاف چونڊون تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهنديون، جڏهن امن امان جون حالتون بهتر هونديون. مطلب ته شفاف چونڊن لاءِ امن امان جون بهتر حالتون هڪ بنيادي شرط آهي. هن وقت ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، جنهن سان پڻ خوف ۽ غير يقيني جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي رهيا آهن. خود ميانوالي ايئربيس تي دهشتگردن جو حملو رياست جون اکيون ۽ ڪن تصور ٿيندڙ ادارن تي به ڪئين سوال اٿاري ويو آهي ته اهڙن حساس هنڌن تي به دهشتگردن جي رسائي جڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿي ته پوءِ انهن لاءِ عوامي جلسن ۽ اجتماعن تائين پهچ ڀلا ڪيئن ممڪن نه هوندي! ڪجهه ڏينهن اڳ پارا چنار ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي تنهن سان پڻ ڪئين خدشا جنم وٺن ٿا. توڙي جو نيشنل ايڪشن پلان ۾ بندش پيل دهشتگرد تنظيمن جي نون نالن سان ڪم ڪرڻ تي پابندي جو نقطو پڻ شامل آهي پر ان تي عمل نه ٿيڻ جو ئي نتيجو آهي جو نون نون نالن سان تنظيمون سامهون اچي رهيون آهن. ميانوالي ايئربيس تي حملي جي ذميواري جنهن تنظيم قبولي آهي، ان پنهنجو نالو “جهاد تحريڪ” ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هيستائين جيڪي به دهشتگرد تنظيمون سامهون آيون آهن، تن ۾ اهڙي نالي سان ڪابه تنظيم نه رهي آهي. ظاهر آهي ته اهي پراڻا عناصر ئي آهن، جن نئين نالي جو سهارو ورتو آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته 2018ع وارين عام چونڊن ۾ به دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا هئا ۽ عوامي نيشنل پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ پيپلز پارٽي سميت ڪيترين ئي تنظيمن کي ڌماڪن ۽ دهشتگرد ڪارروائين ذريعي خوفزده ڪري آزاداڻي نموني چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي، جڏهن ته ڪجهه سياسي پارٽين کي ڀرپور موقعا ميسر ٿيا. هن ڀيري به جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته گهڻو نقصان ٿيندو. اليڪشن کڻي ٿي به وڃي پر ان جي شفافيت سوال جوڳي رهندي.

ملڪ ۾ امن امان جي ابتريءَ جي غيرمعمولي صورتحال ڪئين خوف ۽ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. دهشتگردن خلاف آپريشن دوران خود سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن مان پڻ دهشتگردن جي سگهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شفاف اليڪشن ممڪن بڻجي سگهي ۽ سمورين سياسي ڌرين کي عوام تائين پهچ ۽ رسائي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ملي سگهن.