ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. عيد جي موقعي تي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيندا. عيد جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ حفاظتي انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ بي نظير آباد ڊويزنن م عيد ميڙاڪن جا خاص بندوبست ٿيل آهن. عيد نماز کان پوءِ مسلمان سنتِ ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني ڪندا. ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ صفائي سٿرائي برقرار رکڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. ڪراچي سميت سمورن شهرن مان جانورن جي باقيات کڻڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ ملازمن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن.