ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه اهل شخص نه آهي، جيڪو نيب جي سربراهي ڪري سگهي:شازيا مري

0
182

ڪراچي: پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري چيو آھي تھ ادارا شخصيتن جا محتاج ناهن هوندا، ڇا ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه اهل شخص نه آهي، جيڪو نيب جي سربراهي ڪري سگهي.
پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ قانون ٽوڙڻ برابر آهي، حڪومت کي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسين.
موجوده نيب چيئرمين پي ٽي آءِ حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن کي رليف ڏنو، تنهن ڪري سندس ملازمت ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ حڪومت احتساب جي نالي تي رڳو انتقام وٺي رهي آهي، سپريم ڪورٽ به نيب کي سياسي انتقام جو ذريعو قرار ڏنو.