ملڪ ڪنهن ”فائول پِلي“ جو متحمل نٿو ٿي سگهي

0
132
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

هڪ طرف اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اهو چوندو رهيو آهي ته هو عدالتن جو احترام ڪري ٿو پر سندس ان بيان جي حقيقت تڏهن سامهون اچي وڃي ٿي، جڏهن هو عدالتن ۾ شنوائين تي پيش نٿو ٿئي يا پيش ٿيڻ کان گوٿناٿ ڪري ٿو. توشه خانا ڪيس ۾ پڻ اسلام آباد ۾هجڻ باوجود هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جڏهن اسلام آباد پوليس سندس گرفتاري وارنٽ کڻي زمان پارڪ لاهور پهتي ته ان جي شديد مزاحمت ڪئي وئي ۽ هي سٽون لکجڻ تائين عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو. توشه خانه ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڪالهه جڏهن پوليس گرفتاري وارنٽ کڻي پهتي ته شديد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ڪارڪنن پوليس جي مزاحمت ڪئي، شديد نعريبازي ڪئي. جيئن ته پوليس کيس گرفتار ته نه ڪري سگهي آهي پر پوليس اتان واپس به نه وئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ”پلي آس ٿر مان نه ٿوهرن“ ۽ رات جو به پوليس جي ڪارروائي واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي پوليس جي اٻهرائي به هاڃيڪار نتيجا آڻي سگهي ٿي.

هڪ پاسي ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، مختلف قسم جا بحران هڪ ٻئي پٺيان قطارون ٺاهي پيا اچن، اڃا هڪ بحران ختم نٿو ٿئي ته ٻيو بحران پنهنجي آمد جو اعلان ڪري ٿو. مٿان وري سياسي ڇڪتاڻ مهميزون هڻي سياسي گرمي وڌائي ڇڏي آهي. هڪ طرف عمران خان اهو چوندو رهيو آهي ته کيس عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ۽ هو عدالتن جو احترام ڪري ٿو پر ٻئي پاسي جيڪا عملي صورتحال نظر اچي ٿي ان مان ڪنهن به ريت سندس ان دعويٰ جي صداقت جي ثابتي نٿي ملي. صرف اها هڪڙي توشه خانه ڪيس جي شنوائي نه هئي، جنهن ۾ عمران خان پيش نه ٿيو پر ان کان اڳ به هو لڳاتار شنوائين تي نه آيو. عدالت سندس انتظار ڪندي رهي، نيٺ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان تاريخن تي عدالتن ۾ پيش ٿئي ها ته اها نوبت ئي نه اچي ها. هونئن به جڏهن عمران خان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي ته پوءِ هيءَ گوٿناٿ ڇو آهي؟ عمران خان اهو چوندو رهيو آهي ته کيس ڪوڙي ڪيس ۾ فاسايو ويو آهي. جڏهن عدالتن تي کيس اعتماد آهي ته پوءِ گهبرائڻ جي آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هن وقت ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ عروج تي آهي ۽ حڪومت طرفان به اٻهرائي يا ڪا غيردانشمنداڻي مهم جوئي هاڃيڪار نتيجا آڻي سگهي ٿي. ان ڪري معاملي کي انتهائي تحمل ۽ تدبر سان نبيرڻو پوندو ۽ ڪنهن به فائول پلي کان پاسو ڪرڻو پوندو. هي ملڪ انا جي اسير سياستدانن جي ڪنهن به مهم جوئي جو متحمل نٿو ٿي سگهي. ڪائنات ۾ هر سوال جو جواب ۽ هر تڪرار جو حل موجود هوندو آهي. سمورا مسئلا معاملا فهمي سان حل ٿي سگهن ٿا پر مخالفت بدران دشمنيءَ کي سياست جو محور بڻائيندڙ سياستدان سنگينيءَ جو ادراڪ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪجهه پرڏيهي بدخواه قوتون ملڪ جي ٽائٽنڪ کي تارپيڊو ڪرڻ جي لاءِ اتاوليون آهن. مٿان وري اندروني ڇڪتاڻ انهن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي دڳ تي وک وڌائي چڪي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن به غيردانشمنداڻي قدم کڻڻ ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي. عمران خان کي به عدالتن جي احترام وارا سکڻا بيان نه پر حقيقي نموني سان عمل ذريعي ان کي ثابت ڪرڻ گهرجي. ڪارڪنن کي ڍال ڪري استعمال ڪرڻ سان به نقصان جا امڪان وڌي وڃن ٿا. حڪومت کي به تحمل ۽ انتظامي تدبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.