اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي معاشي پاليسين تي ڀروسو نه ڪندڙ ماڻهن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي. پلس ڪنسلٽنٽ جي ٽِماهي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جولاءِ 2021ع ۾ 38 سيڪڙو عوام وزيراعظم جي معاشي دعوائن تي اعتبار نه ڪيو هو ۽ هاڻي اهو انگ 57 سيڪڙو تائين پهتو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته معاشي رخ صحيح نه سمجهندڙ 19 سيڪڙو ماڻهن ۾ به واڌ ٿي آهي ۽ اهو انگ هاڻي 75 سيڪڙو ٿي ويو آهي.