ملڪ جي اقليت ۽ اڪثريت جي ويڙھه سبب ڪمزور ٿيندڙ سياسي نظام

0
216
سمون ڪنھن سار وانگي ھو

   پاڪستان تي  حڪمراني لاءِ اصل جھيڙو  اقليتي ٽولي جيڪو ورھاڱي کان پوءِ  ملڪ تي قابض ٿي ويو ھو ۽ ملڪ جي ان قيادت جيڪا  عوام جي نمائندگي ڪري ٿي انھن جي وچ ۾ آھي . نئين آزاد ٿيل ملڪ ۾ مقامي سياسي قيادت جي ڪمزوري جو فائدو وٺندي ھجرت ڪري آيل سياستدانن ، ڪامورن ، دانشورن  ۽ صحافين جي ڳٺ جوڙ ملڪ تي پنھنجي گرفت ڪري ورتي. اھا به حقيقت آھي ته ھجرت ڪري نئين ملڪ  ۾ آباد ٿيندڙ ماڻھو پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي پنھنجا پير کوڙڻ لاءِ ڪٿي محنت ته ڪٿي موقعي پرستي ڪندو آھي. جي غور ڪبو ته ملڪ جي فيصلا سازي تي گھڻو غلبو ان ٻاھران آيل اقليت جو رھيو آھي. ان کي پوءِ اسٽيبلشمينت جي سرپرستي به حاصل ٿي ويئي . ملڪ جي ڪن حصن ۾ ڪٿي  مقامي حصيدار به ٿيا پر اصل اختيار ان اقليت جو ئي رھندو آيو. سندن مفاد غير جھموري حڪومت ۾ وڌيڪ محفوظ ھئا ان ڪري ھو پوري قوت سان جمھوريت جي رستي کي ڪڏھن بلاڪ ته ڪڏھن رنڊڪون وجھندا رھيا آھن.

ملڪ جي بدقسمتي رھي جو ان تي اڻ چونڊيل سياسي اڳواڻ ۽ ڪامورا حڪمراني ڪندا رھيا جن کي پردي پٺيان انھن آقائن جي سرپرستي رھي جيڪي ملڪ جو قبضو ته ڇڏي ويا پر ان جي فيصلن تي اثرانداز رھيا. نالي ۾ سياسي حڪومت  بنا ڪنھن بنياد جي ھلندي رھي نيٺ سن 1956ع ۾ آئين متعارف ڪرايو ويو جيڪو عمل به ڪارروائي وجھڻ جي حد تائين  ھو  .7 آڪٽوبر   1958ع ۾ ايوب خان جي مارشلا ۾ جتي اقتدار تي فوج سڌي قابض ٿي تڏھن به ملڪ جي فيصلا سازي تي ان اقليت جي گرفت قائم رھي تن اھو انڌو ڪاڻو آئين به رد ڪري نام نھاد سياسي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪيو. جيڪڏھن  ماضي جي حڪمراني تي نظر وجھون ٿا ته ملڪ تي اڪثر حڪمراني ڪندڙ پوءِ اھو جالندر جو لياقت علي خان، گجرات جو  آءِ آءِ چندريگر ، ڪلڪتي جو محمد علي بوگرا ھجي ، ھجرت ڪري آيل ضياءُالحق، جاتي امراءُ جو شريف خاندان يا گجرات جا چوڌري برادران سي سڀ   ھجرت ڪري آيا ھئا. اھڙي ساڳئي صورتحال ڪامواشاھي جي ھئي جنھن جا وڏا ۽ بااختيار آفيسر ڪراچي جي اردو ڳالھائيندڙ يا اوڀر پنجاب  سان واسطو رکندڙ ھئا سي ھڪ ٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪندا رھيا .

يو ٽيوب تي  مولانا مودودي جي پٽ فاروق حيدر مودودي جو انٽرويو رکيل آھي جنھن ۾ ھو چوي ٿو ته جميعت طلبا وارن گول باغ لاھور ۾ شيخ مجيب الرحمان کي جلسو ڪرڻ ڪونه ڏنو ھو جنھن تي ويندي ويندي ھو چئي ويو ھو ته مولانا مودودي ھاڻ بنگال ۾ پير رکي ۽ جلسو ڪري ڏيکارجان. مولانا مودودي ڊاڪا پھچي ته ويو پر جلسو ڪري نه سگھيو. ايئن ٻئي عوامي ليڊر مولانا ڀاشاني جي بي عزتي ڪئي ويئي جيڪو به ويندي ويندي مغربي پاڪستان کي خدا حافظ چوندو ويو. ھو ٻئي مقبول عوامي نمائندا ھئا تن جي سياسي سرگرمين ۾ رنڊڪ وجھي انھن جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم جميعت طلبا جيڪا ان اقليتي ٽولي جو صف اول جو دستو ھو تنھن کي ايترو مضبوط ڪيو ويو جو پنجاپ جي گھڻو ڪري ھر وڏي اداري ۾ انھن جي شاگرد يونين ھئي. ايئن ان وقت ملڪ جي سياست ۾ اھميت رکندڙ ڪراچي شھر جي ڪراچي يونيورسٽي ۾به ان جو راڄ ھو. اسلام جي نالي تي ٺاھيل اھا  تنظيم بدمعاشي سان ھلندي رھي آھي. ان ڪري پنجاپ جي تعليمي ادارن مان فارغ ٿي ڪاموراشاھي ۾ ايندڙ ماڻھن جي رويو انھن جي نظريي جي  اثر ھيٺ رھيو. پنھنجي خانداني جائيداد جي جماعت اسلامي سان ڦڏي جي تفصيل تي ڳالھائڻ دوران  جڏھن نمائندي ان ڦڏي ۾ کيس عدالت جي در کڙڪائڻ جو چيو ته  فاروق حيدر مودودي وراڻيو ته پنجاپ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به  ان جماعت جو سرگرم ڪارڪن رھيو آھي سو ڪھڙو انصاف فراھم ڪندو. ان مثال مان  ملڪ جي ڪاموراشاھي تي ھڪ طبقي جي اثر جي نشاندھي ٿئي ٿي.

ايئن ملڪ جي ٻي قوت مزدورن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ھر صنعتي اداري ۾ جماعت اسلامي جي حمايت يافته ليبر يونينون ٺاھيون ويون. اھڙي عمل کي ڏسي پوءِ ٻين پارٽين ۾ به مزدورن ۽ شاگردن جون پنھنجون تنظيمون ٺھرايون ويون جنھن سان تعليمي ۽ صنعتي ماحول خراب ٿيو . جن يونيورسٽين تي جميعت جو غلبو نه ٿيو تنھن جو تعليمي نظام تباھه ڪيو ويو ته جيئن ازاد  ذھن رکندڙ نوجوان اڳتي اچي ملڪ جي فيصلا سازي ۾ گھٽ شريڪ ٿين. .    ذوالفقار ڀٽو جيڪو ٻھراڙي جي اڪثريت جو نمائندو ھو تنھن کي چين سان نه رھڻ ڏنو ويو .  ھومتحرڪ ڪردارھو جنھن عوام سان رابطي ۾ رھڻ ، ان جي خدمت ڪرڻ  سان گڏ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي ڪردار وڌائڻ ۾ پنھنجن صلاحيتن جو استعمال ڪيو . ھن جي ڪاميابين جي مڃتا ته پنھنجي جاءِ تي پر ان کان جان ڇڏائڻ لاءِ کيس شھيد ڪيو ويو. ايئن پرڏيهھ مان واپسي تي بينظير ڀٽو جولاھور شھر ۾ لکين ماڻھن جي استقبال ٿيڻ تي ھو بينظير جا دشمن ٿي پيا. ھن کي ٿورو وقت ته برداشت ڪيو ويو پر نيٺ ان کي به ھميشه لاءِ رستي تان ھٽايو ويو.

ٿورو پرويز مشرف جي دور تي نظر وجھو ته ان دور ۾ به ٻھراڙي مان چونڊجي وزير اعظم مير ظفر الله جمالي کي  وقتي طور تي رکيو ويو پر جلد اھو اقليتي ٽولو ھن مان ڪڪ ٿي پيو ۽ خاموشي سان ھن کي ھٽائي ڇڏيائون . ان جي جاءِ تي ايندڙ اقليت جو نمائندو شوڪت عزيز جنھن جو ملڪي سياست يا عوامي خدمت جي حوالي سان ڪو رڪارڊ ئي ڪونه ھو سو ڪيئن سڪون سان حڪومت ڪندو رھيو. پنھنجي دور جي پڄاڻي تي ھو ملڪ کان وري ٻاھر ھليو ويو. پر مٿس نه ڪي الزام لڳا ته نه وري ڪي ڪيس ٺھيا.وقت گذرڻ  سان ملڪي سياست ۾ واڌارو، ملڪي معيشت جو ڪمزور ٿيڻ ۽ عالمي سطح تي مغربي ملڪن جو جمھوريت بحال ڪرڻ جي دٻاءُ  ڪري چونڊون ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ٻھراڙي سان تعلق يا انھن جي حمايت  رکندڙ سياستدان ڏينھون ڏينھن طاقت حاصل ڪري رھيا آھن. مغربي ملڪن جي  دٻاءُ تي ته ملڪ ۾ جمھوريت بحال ڪرڻ لاءِ جلد چونڊون ڪرايو تنھن تي ان وقت ملڪ جي فوجي حڪمران ضياءُالحق چيو ھو ته اسان کي مجبورن جمھوريت جي ڪوڙي ٽڪي ڳھڻي پوندي.

ھاڻ جنھن جمھوري ملڪن ۾ اقليتي گروھه جمھوريت ۽ چونڊن کي ڪوڙي ٽڪي سمجھي ان سوچ رکندڙ ٽولي ۾ حقيقي جمھوريت لاءِ ڪيتري سچائي ھوندي؟ توھان دانشورن ، وڏن صحافين جي اصليت کي جاچيندئو ته معلوم ٿيندو ته انھن مان اڪثريت به ٻاھران آيلن جي آھي جيڪي ملڪ جي فڪر جو تاثر ڏيندي جيڪي پروگرام ۽ تبصرا ڪن ٿا سي  ان اقليتي مائينڊ سيٽ جي نمائندگي ڪن ٿا. اھو ڪيڏو نه الميو آھي جو ملڪ جي دانشورن کي ايوب خان، ضياءُالحق، پرويز مشرف، شريف ڀائر، گجرات جا چوڌري ته سٺا ٿي لڳا جن جي حڪمراني ۾ ھو مطمئن نظر ايندا آھن پر ووٽن جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندڙ مقامي قيادت جي عيبن تي ھنن جي نظر ھوندي آھي. ھو انھن جي مخالفت ۾ محاذ کولي ڇڏيندا آھن.   نوبزادا شير علي ۽ سندس ڀاءَ نوابزاده يعقوب علي خان جي ملڪي معاملن ۾ پردي پٺيان  ڪردار تي غور ڪندئو ته ھو ڪيئن نه ھڪ مخصوص سوچ  کي حاوي ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رھيا آھن ..ھاڻي به ڪي ماڻھو سياسي پارٽين ۾ اوچتو داخل ٿي اھم ٿي وڃن ٿا تن جو ڪردار پڻ  سياسي جماعت جو قبلو درست رکڻ آھي .

سو شروع کان ئي اصل مسئلو عوام جي حڪمراني جي رستا روڪ ڪرڻ ھئي . ھاڻي وقت ساڳيو نه رھيو آھي ان ڪري عوامي نمائندا جتي طاقت سان اڳتي وڌي رھيا آھن اتي اقليتي ٽولو به پنھنجي بقا لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيو آھي. سبقت لاءِ ان ويڙھه  ۾ اصل نقصان ملڪ ۽ عوام جو ٿئي ٿو.