ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف لڳ ڳوٺ مهراب خان چانڊيو جا اغوا ٿيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ وارثن عورتن سميت پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاج ڪري ڌرڻي هنيو، ان موقعي تي  وارثن مسمات خديجه، ڌڃاڻي، سياڻي، حوا، ممتاز علي، عاشق علي چانڊيو، حنيف من چانڊيو، صدام حسين، خميسو چانڊيو ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي  ٻڌايو ته اسان جا ڇوڪرا روزگار سانگي حيدرآباد ويل هئا حيدرآباد ۾ نمبر بند هجڻ ڪري رابطو ڪٽجي ويو هو وري اسان جي نوجوان جي نمبر تان هڪ نامعلوم ڪال ڪري چيو ته ويھه لک رپيا ڀنگ ڏئي پنهنجي نوجوانن کي آزاد ڪرايو ٻي صورت ۾ ماري لاش اڇلايا ويندا اسين غريب پريشان آهيون گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي ڪمائيندڙ نوجوان اغوا ٿي ويا ٽي ڏينهن ٿيا آهن گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هنن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي آهي ته اسان غريبن جي مدد ڪري ڇوڪرا بازياب ڪرايا وڃن.