اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف سازشن  جي الزام ۾ فوجي عدالتن پاران برطرف ڪيل ٻن فوجي آفيسرن ڪرنل (ر) آزاد منهاس ۽ ڪرنل (ر) عنايت جي اپيلن تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آڏو ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي درخواستگذارن اپيلون 13 سالن جي دير سان داخل ڪيون، ٻنهي درخواستگذارن تي حساس معلومات لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن فوجداري قانون جي شقن مطابق اپيلون داخل ڪيون ويون آهن اهي آرمي ايڪٽ ۾ شامل ناهن، ٻنهي ڄڻن کي بينظير ڀٽو جي 1995ع ۾ حڪومت خلاف سازشن جي معلومات هئي، درخواست گذار ڪرنل (ر) آزاد منهاس عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي چيو ته اسان جي خلاف فوجي عدالت بدنيتي تي فيصلو ڪيو، فوجي عدالت ۾ انهن آفيسرن کان انڪوائري ڪرائي وئي، جيڪي لاڳاپيل آفيسر نه هئا، من پسند آفيسرن کي ترقي ڏيڻ لاءِ اسان کي رستي تان هٽايو ويو، عدالت ۾ سرڪاري وڪيل غلط بياني ڪئي آهي، 26 سالن کان انصاف جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اسان جي خلاف جيڪڏهن هڪ به ثبوت آهي ته اهو ظاهر ڪيو وڃي، اسان هي اپيلون واپس وٺي ڇڏينداسين، فوجي عدالت ۾ فوج جي جاچ آفيسر کي ئي جج مقرر ڪيو ويو، ڪرنل (ر) عنايت الله موقف اختيار ڪيو ته اسان جون اپيلون مدي خارج ناهن، اها حقيقت آهي ته من پسند ماڻهن کي ترقي ڏيڻ لاءِ اسان کي رستي تان هٽايو ويو، جسٽس منيب اختر چيو ته جوابدارن خلاف جنرل ڪورٽ مارشل ڇو نه ڪيو ويو؟ جنرل ڪورٽ مارشل 5 رڪني فوجي عدالت ڪندي آهي، جنرل ڪورٽ مارشل ۾ جوابدارن کي وڌيڪ تحفظ حاصل ٿيندو آهي، چيف جسٽس چيو ته درخواستگذار جيڪڏهن وڌيڪ ڪجهه چوڻ چاهين ٿا ته لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائن، اسان هنن ٻنهي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيون ٿا، جيڪو مناسب وقت تي ٻڌائينداسين.