ملير ۾ جوابدار زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

0
132
ملير ۾ جوابدار زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
ملير ۾ جوابدار زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سٽي ٿاڻي جي حد گلشن باغ يوسف جي رهواسي مشڪور زال کي گوليون هڻڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

آپگهات ڪندڙ  شخص پوليس سان  ميڊيا کي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو ٻي صورت ۾ آپگهات جو چتاءُ ڏيندو رهيو

آپگهات ڪندڙ شخص مشڪور گهر جي ٻئين ماڙ جي  گيلري ۾ بيهي آپگهات جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو

ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ موجود آپگهات ڪندڙ شخص سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران جوابدار چتاءُ ڏنو ته ميڊيا کي گهرايو ته ڪارڻ ٻڌائيندس، نه ته آپگهات ڪري ڇڏيندس

پوليس ڏاڪڻن جي مدد سان عمارت ۾ داخل ٿي، مشڪور نالي شخص ٻار کي ڇڏي زال ۽ پاڻ کي گولي هنيون ٻئي موقعي موت جو شڪار ٿيا