ملير پوليس هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي ماري ڇڏيو

0
271

ملير (رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس وڌيڪ هڪ نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيل ملز پل وٽ مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارجي ويو، پوليس موجب، ڏوهاري شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿيو، پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿيو ۽ ٻيو فرار ٿيو، گذريل ڏينهن مقتول فرمان ٿهيم جي وارثن الزام هنيو ته پوليس ملير جي شيرپائو ڪالوني ۾ گھر تي چڙھائي ڪري نوجوان فرمان ٿھيم کي کنڀي کڻي وئي، پوليس اسان تي به تشدد ڪيو ويو، موبائل فون، ايل سي ڊي، ڏاج جو سامان به کڻي وئي ۽ گھر ۾ ڀڃ ڊاھه به ڪئي وئي، گذريل ڏينهن وارثن آئي جي سنڌ کان نوٽيس وٺي فرمان ٿھيم کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.