ملير (رپورٽر) ملير پريس ڪلب تي مظاهرو ڪندڙ ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ پريس ڪلب تي فائرنگ ڪندڙ مک جوابدار محمد علي افغاني کي بن قاسم پوليس ملير جي عدالت ۾ پيش  ڪري ڇڏيو، جوابدار عدالت اڳيان ڏوهه قبولي ورتو، جوابدار چيو ته مونکي پسٽل حيات پٺاڻ ڏنو هو، جنهن مان مون فائر ڪيا، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي زخمي  ڪارڪنن جي وڪيل سڪندر شر  چيو ته جوابدار جو ريمانڊ دهشتگردي عدالت ۾ موڪليو وڃي، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،