ملتان ۾ روڊ حادثو: هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

0
230
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

ڪراچي(م ڊ) ملتان ۾ وهاڙي روڊ تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب وهاڙي روڊ تي خراب ٽرڪ بيٺل هئي ته پويان کان ايندڙ ڪار ان سان ٽڪرائجي وئي

حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمي زال مڙس کي طبي امداد لاءِ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا