ذڪريه ايڪسپريس ۾ بيواه عورت سان گينگ ريپ جي تصديق: جوابدار گرفتار

0
217
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو
ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس ٿاڻي تي 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي:ملتان مان ڪراچي ايندڙ ذڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، ريلوي پوليس طرفان جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

 زيادتي اورنگي ٽائون جي رهواسڻ کي سفر دوران ٽڪيٽ چيڪر ۽ انچارج سميت 3 جوابدارن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو،  اجتماعي زيادتي جو ڪيس سٽي ريلوي پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو

ڪيس جي متن موجب  متاثر عورت جا ساهرا مظفر ڳڙهه ۾ آهن، عورت طلاق يافته آهي، پنهنجي ٻارن سان ملڻ وئي هئي، عورت 27 مئي تي ريل ۾ ڪراچي لاءِ نڪتي پر کيس ٽڪٽ نه ملي ايڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي عورت سفر شروع ڪيو

ڪيس جي متن موجب ريل روهڙي مان نڪتي ته نجي شعبي جي ٽڪيٽ چيڪر زاهد کيس چيو ته آئون توکي برٿ وٺي ڏئي سگهان ٿو، زاهد عورت کي انچارج عاقب سان ملايو، جنهن بعد عورت کي اي سي بوگي جي ڪمپارٽمينٽ ۾ ويهاريو، ڪجهه دير بعد زاهد اچي عورت سان ريپ ڪيو

بعد ۾ عاقب ۽ ان کانپوءِ هڪ ٻئي شخص اچي عورت سان ريپ ڪيو، ترجمان ريلوي جو چوڻ آھي تھ ريپ ڪيس ۾ ريلوي کاتي جو ڪو به ملازم ملوث ناهي، جنهن ريل ۾ ريپ جو واقعو ٿيو، اها پرائيويٽ آهي

ريپ ڪيس ۾ ملوث جوابدار به سرڪاري ملازم نه پر پرائيويٽ آهن، ترجمان موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جاچ ڪري رهي آهي، هي ھاڻي پوليس جو معاملو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن

ھي به پڙھندا

نمرا ڪاظمي عدالت ۾ پيش، عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ٽيسٽ جو حڪم