ملتان مان جمشيد دستي جي زال جا نامزدگي ڪاغذ منظور

0
67
ملتان مان جمشيد دستي جي زال جا نامزدگي ڪاغذ منظور
ملتان مان جمشيد دستي جي زال جا نامزدگي ڪاغذ منظور

ملتان (م ڊ) اليڪشن ٽربيونل مظفر ڳڙهه مان پي ٽي آءِ جي اميدوار جمشيد دستي جي زال نازيا دستي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن

ملتان ۾ اڳوڻو ايم اين اي جمشيد دستي، سندس زال نازيا ۽ ڀائٽيو صمد دستي چونڊ وڙهي رهيا آهن، جن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون ڪيون هيون

اپيلن ٻڌڻي دوران جمشد دستي جي زال نازيا، ڀائٽيي عبدالصمد دستي، ليا مان تحريڪ انصاف جي نياز احمد جکڙ ۽ملڪ اويس حيدر جکڙ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا

جمشيد دستي جي اين اي 175 ۽ اين اي 176، پي پي 268، پي پي 269، پي پي 70 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي