راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ويجهو ڳوٺ موسيٰ راڄپر ۾ سماجي اڳواڻن روشن محبوب راڄپر جي قتل واري معاملي ۾ اڳڀرائي بدران مقتوله جو پيءُ، ڀاءُ ۽ فريادي ويڳو پٽ پراسرار طور لاپتا ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ مقتوله جي وارثن موجب سماجي اڳواڻ روشن محبوب راڄپر جي قتل ڪيس جو فريادي مقتوله جو ويڳو پٽ عاقل راڄپر سندس والد محمد موسيٰ راڄپر، ڀاءُ عقيل احمد راڄپر ڪيس جي حاضريءَ تان واپس اچي رهيا هئا ته پوليس کين کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ فريادي عاقل راڄپر جي وارثن ٻڌايو ته سماجي ڪارڪن روشن راڄپر جي قتل ڪيس جي گمبٽ ڪورٽ ۾ حاضري هئي. اسان جا نوجوان واپس اچي رهيا هئا ته رستي مان پوليس کين کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن دانهيندي چيو ته فريادي ڌر کي حراسان ڪيو پيو وڃي، قتل به اسان جو ٿيو آھي، گرفتار به اسان جا نوجوان ٿي رهيا آھن. معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. پوليس فريادي ڌر جي ماڻهن کي کنڀڻ کان بي خبري ظاهر ڪندي ٻڌايو ته مقتوله جي قتل ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.