اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد  بي اعتمادي رٿ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اها ميچ عمران خان کٽندو، بي اعتمادي جي ڪاميابي لاءِ اپوزيشن کي 172 ميمبر آڻڻا آهن ۽ ان لاءِ اڃا 24 ڏينهن پيا آهن، مخالف ڌر 172 ميمبر پورا نه ڪري سگهندي، هي آخري واردات هوندي، هن چيو ته منهنجي وزيراعظم عمران خان سان اڄ به ملاقات ٿي آهي، هو پراعتماد آهي، وزيراعظم پنهنجا ڪارڊ سيني سان لڳائي رکندو آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجندو، شيخ رشيد چيو ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر يا وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو آئون انهن سان گڏ هوندس، اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. شيخ رشيد چيو ته مقابلي جو طبل وڄي چڪو آهي، رڪيوزيشن تي 14 ڏينهن بعد اجلاس ٿيندو، پهرين ڏينهن  ميمبر جي فوت ٿيڻ جي دعا بعد اجلاس ختم ٿي ويندو، 22-23مارچ تي او آءِ سي اجلاس ٿيندو.