ڪراچي( م ڊ) ڪراچي اوڀر جي انتظاميا هنگامو ڪرڻ ۽ پابندي وڌل تنظيم ٽي ايل پي لاءِ احتجاج ڪرائڻ تي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مفتي منيب الرحمان، غلام غوث بغدادي، حاجي رفيق پرديسي، عامر ڇوٽاني، مولانا ريحان امجد نعماني، علي محمد اسلم سميت مختلف عالمن جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ اوڀر ضلعي جي مختلف ٿاڻن سي سي ٽي وي فوٽيجز سميت مختلف مواد سي ٽي ڊي کي اماڻي ڇڏيو آهي، انهي مواد جي روشني ۾ عالمن جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيا ويندا.