چون ٿا ته دل خدا جو گھر آهي ۽ ان ۾ خدا جي بندن لاءِ ايڏي نفرت!!؟ چون ٿا ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ اتي وري ايڏو فساد ؟ چون ٿا ته سنڌ مذهبن جي ماءُ آهي ۽ اتي وري ايڏي اڻسهپ!!! چون ٿا ته سنڌو تهذيب انسانيت کي امن، پيار ۽ آزاديءَ سان جيئڻ جو ڍنگ سيکارڻ واري عظيم تهذيب آهي پر اڄ اها ڪٿي بيٺل آهي!؟ حيرت جو مقام آهي، ماتم جو به مقام آهي پر ڇا ڪا اميد به باقي آهي؟ سنڌ اسان جي سانڀر ۾ اهڙا ڏينهن ڪڏهن ڪونه ڏٺا آهن ۽ نه ئي وري ماضيءَ جو ڪو اهڙو ڏُکوئيندڙ داستان اسان جي نظرن مان گذريو آهي جو سنڌ ۾ ڪنهن ڪنهن جي سِرَ تي انعام رکيو هجي. ڪفر ۽ غداريءَ جون فتوائون ته هتي رياست ۽ رجعت پسند قوتن جو محبوب مشغلو رهيون آهن پر هي اندوهناڪ منظر سنڌ ۾ اسان کي پهريون ڀيرو نظر اچي رهيا آهن. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ دردناڪ صورتحال اسان جي اکين آڏو آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪ هتي ڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني آهي ته ڇا هاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ ايڏي ڪمزور ٿي چڪي آهي!؟
جڏهن رياست جي رِٽ اختياري ڪمزور ٿي ويندي آهي يا رياست خود غير رياستي عنصرن کي فساد ۽ انارڪي ڦهلائڻ جي ڇوٽ يا هُشي ڏيندي آهي ته اها رياست خود بنانا ريپبلڪ (Banana Republic) ٿي پوندي آهي ۽ سماج انارڪيءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. بنانا ريپبلڪ جو اصطلاح آمريڪي ليکڪ هينري 1904ع ۾ پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب “بندگوبي ۽ بادشاهه” (Cabbages and Kings) ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن خاص طور هنڊارس لاءِ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو هو جتي هو روپوشيءَ دوران وڃي لڪو هو. اتي هن ڏٺو ته آمريڪا جي يونائيٽيڊ فروٽ ڪمپني ڪيئن هنڊارس ۽ ٻين لاطيني آمريڪا جي ملڪ ۾ ڪيلن جي پوک لاءِ لکين ايڪڙ زمين انتهائي سستي اگھه تي خريد ڪري اتي ڪيلا پوکي اهي آمريڪا ايڪسپورٽ ڪري ٿي، جتي کين 1000 سيڪڙو نفعو ملي ٿو. هنن جي منافعي جي راهه ۾ جيڪا به حڪومت رڪاوٽ بڻجي ٿي ان کي هٽائي وري ٻي حڪومت آندي وڃي ٿي. يعني بنانا ريپبلڪ ان رياست کي چئجي ٿو جنهن تي اها ملڪي ۽ بين الاقوامي مافيا راڄ ڪري ٿي جنهن جو واحد مقصد “ڳاٽي ٽوڙ منافعو” مافيائي منافعو حاصل ڪرڻ هوندو آهي بلڪه ملڪي سلامتي، قومي سلامتي، حب الوطني، دين جي سلامتي وغيره سندن اهي هٿيار هوندا آهن جن سان هو غلام کي غلامن جي وسيلي ضابطي هيٺ رکندا آهن.
وڪي پيڊيا بنانا ريپبلڪ جي سمجھاڻي هنن لفظن ۾ ڏئي ٿو: “پوليٽيڪل سائنس ۾ بنانا ريپبلڪ جو مطلب آهي سياسي طور غير مستحڪم رياست جنهن جي معيشت جو دارومدار محدود وسيلن واري درآمد تي هوندو آهي. پاڪستان جي درآمد جا وسيلا ڪيترا محدود آهن يعني ڪپهه، چانور وغيره، اها حقيقت اوهان جي آڏو آهي. بنانا ريپبلڪ جي ٻي خاصيت اها هوندي آهي ته اڪثريتي آبادي بدحال ۽ مختلف پرتن ۾ ورهايل پورهيتن تي مشتمل هوندي آهي ۽ رياست تي پلوٽو ڪريسي يعني مخصوص گروهن جي حڪمراني هوندي آهي، جيڪي ڪاروباري، سياسي ۽ عسڪري امير طبقي سان تعلق رکندا آهن ۽ اهي ملڪ کي هڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ طور هلائيندا آهن جنهن جو ملڪي ترقيءَ ۽ عوامي خوشحاليءَ سان هڪ تِر جو به تعلق نه هوندو آهي، بلڪه اهي پنهنجي مافيائي منافعي کي نظر ۾ رکي ظاهري حڪمران فرد ۽ گروهه کي هٽائي ٻيا آڻي تخت تي براجمان ڪندا آهن، جن جو واحد دين ايمان ۽ منشور سندن ڪاروباري منافعو هوندو آهي. جمهوريت، آمريت، اسلام، هندتوا، مذهب، انسانيت، ملڪي سالميت، ثقافت وغيره وغيره اهي سڀ انهن جي هٿن ۾، اهي رانديڪا هوندا آهن جن کي هو واري وٽيءَ سان پنهنجي ڪاروباري مفادن جي تحفظ لاءِ پيا استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن جمهوريت جي علمبردارن ذريعي ڪا حڪومت هٽائيندا آهن ته ڪڏهن دين جي محافظن ذريعي پنهنجي مخالفن کي يعني عوام جي سچن هڏڏوکي ماڻهن کي پنهنجي هٿان ئي مارائي ۽ ٻين کي خاموش ڪرائي پنهنجي راهن جا ڪنڊا صاف ڪندا آهن. بنانا ريپبلڪ ۾ هو حقيقي عوام دوست، انسان دوست قوت کي پنهنجي تيار ڪيل ڀانت ڀانت جي فورسز ذريعي پيا ڏنڀيندا ۽ ڪچليندا آهن. ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ، مارڻ ۽ مارائڻ سندن محبوب مشغلو هوندو آهي. اهڙي رياست پاڻ ٻين جي ڳيجھو هوندي آهي پر پنهنجي عوام لاءِ فرعونيت جو بدترين مثال هوندي آهي. 20هين صديءَ ۾ ته فاشزم انتهائي ننگي روپ ۾ راڄ ڪندو هو پر اڄ ڪلهه هن جمهوريت يا محدود جمهوريت ذريعي نظر نه ايندڙ آمريت، پردي پويان ويٺل آمريت، سافٽ فاشزم جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. “صاف ڇپتي ڀي نهين سامني آتي ڀي نهين يا تم ڪهين ڀي نهين اور هر جا هو تم ايڪ گورک ڌنڌا هو” وانگر سافٽ فاشزم ۾ بنانا ريپبلڪ جي، پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ جا واڳ ڌڻي صاف لڪندا به ناهن ۽ ننگي آمريت جيان کلي آڏو ايندا به ناهن. هنن جي گورک ڌنڌي جي اها تقاضا هوندي آهي ته بظاهر هو ڪٿي به ناهن هوندا پر هو پاڻ يا پنهنجي ڇاڙتن وسيلي هر هنڌ موجود به هوندا آهن ۽ انهن جي نظر سڀن تي هوندي آهي. هو اڄ جي خطرن ۽ سڀاڻ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت هوشيار هوندا آهن ڇو ته معاملو لکن، ڪروڙن جو نه پر اربن، کربن جي منافعي ۽ ان جي مستقل تحفظ جو هوندو آهي. بنانا ريپبلڪ ۾ اقتداري قوتن جو جھيڙو به سرمائيدارا ڻي منافعي جي حصي پتي ۽ هڪ هٽيءَ تي هوندو آهي. ماڻڪ جي لفظن ۾ عوام کي فقط ڪاسائيءَ جي چونڊ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آهي، يعني هو فقط اهو چونڊي سگھن ٿا ته کين ڪير ڪُهي ۽ ڪنهن سان ڪُهي. مٺي ڪاتيءَ سان يا تکي ڪاتيءَ سان. کين جمهوريت جي پردي ۾ لڪل آمريت يعني سافٽ فاشزم کپي يا ننگي آمريت. باقي ڪافرن ۽ غدارن يعني ريپبلڪ جي محافظن کي للڪارڻ وارا ته ٻنهي صورتن ۾ پيا کنڀيا ويندا، گم ڪيا ويندا، ماريا ويندا.
اهڙي آڙاهه ۾ پوڻ کان بچڻ وارا مفاهمت جي راهه اختيار ڪندا آهن ۽ پنهنجي وِت وَس آهر ڪڏهن ڌيمي آواز سان ته ڪڏهن ٿورو ڪڙڪي سان مزاحمتي آواز به پيا بلند ڪندا آهن. باقي ڪي ٿورا گھڻا سر ڦريا هوندا آهن جيڪي مڪمل مزاحمت جي راهه اختيار ڪندا آهن ۽ اهي ئي کنڀبا ، گم ڪيا ۽ ماريا ويندا آهن. مزاحمت ڪندڙن جون به ٻه واٽون آهن، هڪڙا پرامن مزاحمت جي راهه اختيار ڪن ٿا ۽ ٻيا پُرتشدد مزاحمت جي راهه جا راهي ٿين ٿا. جيڪي تشدد جي راهه اختيار ڪن ٿا اهي ئي سڀ کان وڌيڪ تشدد جو شڪار ٿين ٿا ۽ جيڪي پرامن مزاحمت جي راهه وٺن ٿا اهي جسماني تشدد کان وڌيڪ نفيساتي تشدد جو شڪار ٿين ٿا ۽ بنانا ريپبلڪ جي محافظن جي اک جو ڪنڊو بڻجن ٿا. انهن کي هيسائي دٻائي رکڻ ۽ جي سندن سرڪشي ليڪا لتاڙڻ لڳي ته ڌمڪائي هيسائي معافيون تلافيون وٺڻ تي مجبور ڪرڻ به انهن جي سوچيل سمجھيل حڪمت عملي هوندي آهي.
4 مارچ 1967ع تي پهريون ڀيرو سنڌ جي قومي جدوجهد تي، نئين اُسرندڙ شاگرد جدوجهد تي پرامن مزاحمتي جدوجهد تي پرتشدد رياستي حملو ٿيو جنهن جي رد عمل ۾ مزاحمتي جدوجهد اڃان وڌيڪ سگھاري ۽ منظم ٿي. جيلن ۽ رياستي تشدد کي بهادريءَ سان منهن ڏيندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مزاحمت جي ان رومانس کي جنم ڏنو جنهن “سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار” کي سنڌ جو عوامي استعارو ٺاهي ڇڏيو. پرامن مزاحمت جو اهو ميدان جنهن تي پوءِ شاگرد لٿا، اهو تيار ڪيل هو سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، ابراهيم جوئي ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جڏهن “جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” جو نعرو هڻي هنن کي محبت جو جام آڇيو ۽ سائين جي ايم سيد پيغام لطيف ۽ بزم صوفياءِ سنڌ ذريعي محبت ۽ مزاحمت جو ميدان وڇايو ته ڪن ته تڏهن به مملڪتي خداداد جي محافظن جا کڙڪيا هئا پر جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي شڪوه خط لکيو ۽ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” منظر عام تي آيو ته ڪفر جي فتويٰ بازيءَ جو وڏو ميدان سجايو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ تي دٻاءُ وڌو ويو ته تون به جواب شڪوه لک ته جان بخشي ٿيندئي نه ته اجايو ماريو ويندين پر ڪامريڊ جواب ئي هڪ ڏنو “ڀَل ڦاهيءَ چاڙهيو، جواب شڪوه نه لکندس.” باقي سائين جي ايم سيد ڪيئن ثابت قدم رهي سنڌ جي نوجوان نسل کي مزاحمت جي راهه تي گامزن ڪيو ۽ پنهنجي لفظ لفظ جي سچائيءَ ثابت ڪئي جو اڄ مٿس ڪفر ۽ غداريءَ جون فتوائون صادر ڪندڙ ملا ۽ مذهب جي نالي ۾ راڄ ڪندڙ ڪرتا ڌرتا به سر تسليم خم ڪن ٿا ۽ اعتراف جرم ڪن ٿا ته “اسان غلط ڪيو ۽ اڄ اسان ان جا نتيجا پاڻ ڀوڳي رهيا آهيون” ڪالهه اسان تي غداريءَ جا مقدما ٿي هليا ۽ جن هلايا ٿي اڄ انهن مان هڪڙن تي غداريءَ جا مقدما ٿا قائم ٿين ۽ ٻين تي ته وري ڪورٽن ۾ اهي ثابت به ٿين ٿا ۽ ڪورٽ سڳوري به کين غدار قرار ڏئي ٿي. قبر مان ڪڍي به سندن لاش ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ جو فيصلو ٿي ٻڌائي. مستقل سياسي غير يقيني به ان جي نشاني آهي. سماج ۾ لاڳيتو انتشار ڦهلائي رکڻ ۽ اصل مسئلن کان ماڻهن جو منهن موڙي دين ۽ ملڪ جي سلامتيءَ کي سڀ کان اهم قرار ڏئي پنهنجي ڪاروباري مفادن ۽ ناجائز منافعي کي محفوظ رکڻ اهڙي رياست جي صفت هوندي آهي. رياست ۽ رجعت پسندن جي مچايل مچ کي ڀڙڪائڻ بدران ڏاهپ ۽ سرڪشيءَ جو سنگم ڪري ان جي اصل ارادن، نيتن ۽ مقصدن کي عوام آڏو چٽو ڪري قومي جدوجهد کي سگھارو ڪرڻ، حقيقي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري عوامي جدوجهد ڪرڻ ۽ عوام ۾ ظلم، جهالت ۽ غلاميءَ خلاف سياسي شعور بلند ڪري پُرامن مزاحمت جون راهون روشن ڪرڻ اهو آهي اصل ڪم.