`پاڪستاني ميڊيا ۾ جنهن وقت سموريون ڪمپنيون ميڊيائي ڪاروبار کي گهاٽي وارو سودو قرار ڏئي پنهنجو ڪم بند ڪري رهيون هيون يا حالتن کي ڏسندي اهو ڪاروبار بند ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون ان وقت علي قاضي جي سربراهي ۾ نئين اخبار مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي جستجو جاري هئي.ان وقت يا ان لمحي جي اهميت صرف اهي ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا جن مٿان هوائن جو زور هوندي به ڏيئو ٻاري روشني ڪرڻ جهڙو ڪم سونپيل هجي. ڇو ته ڪاروبار ته ٻيا به کوڙ آهن پر ميڊيا وارو پاسو ۽ سنڌ دوستي وارو پاسو ڪير ڪيئن ڇڏي ۽ ڪيئن هٿ ڪڍي ويهي رهي ته معاملا جيئن جو تيئن هلندا رهن.“پنهنجي اخبار” جڏهن شروع ٿي ته ميڊيا جا سگهارا سيٺ اخباري صنعت جي پنهنجي پراڻي ساٿي مٿان هر محفل ۾ کلندي مليا ته يار ڪيترو نه چريو ماڻهو آهي جو هاڻي پيو اخبار ڪڍي.ٻين چيو قميت به ڏس تمام سستي رکي اٿائين ۽ اخبار به رنگين پيو ڪڍي.ان مان ته خرچ به ڪو نه نڪري سگهندس.وري ٽين ڌر چيو ابا پنهنجو نقصان پاڻ ٿو ڪري اسان جو ڇا، اسان ته پري کان ويهي تماشو ڏسنداسين ته ڪيئن هڪ ميڊيائي ٽائيٽينڪ پنهنجو پاڻ ٿو ٻوڙي. ۽ وقت ثابت ڪيو ته اهي صرف تماش بين ئي بڻيل رهجي ويا ۽ “پنهنجي اخبار” کانپوءِ جڏهن “ٽائيم نيوز” به مارڪيٽ ۾ اچي ويو ته اهو ٽائيٽينڪ ڪاميابي سان پنهنجو سفر جاري رکيون پئي آيو جنهنجي منفي نتيجن لاءِ ساڙ ورتل ماڻهن شرطون پئي لڳايون.پر وقت ۽ تمام ٿورڙي وقت ثابت ڪيو ته پنهنجي اخبار نه صرف جاري ٿي، سستي ۽ رنگين اخبار به ٿي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪامياب به اهڙي وئي جو ڏهاڪن کان موجود ڪيترين ئي پراڻين اخبارن کان پنهنجو نالو، ساک ۽ سرڪيوليشن مٿي کڻي آئي.“پنهنجي اخبار” بابت پنهنجا منفي رايا ڏيندڙ تماشو ڏسندڙن کي به وڃي ڳالهه دماغ ۾ ٺڪاءُ ڪري ويٺي ته نه يار هي اخبار ته هلي پئي آهي ۽ جتي ڪٿي ان جو حوالو به ڏنو وڃي ٿو ۽ ماڻهو خريد ڪري پڙهي به رهيا آهن.هونئن ڏسجي ته “پنهنجي اخبار” جي ڪاميابي جي ڪهاڻي واقعي ڪنهن معجزي يا اڻ ٿيڻي ڳالهه کان گهٽ ناهي.ڇو ته ميڊيا جي شاگردن کي معلوم آهي ته هاڻي پرنٽ ميڊيا ته ڇا خود اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ميدان ۾ رهڻ ۽ رهي ڪامياب ٿيڻ واري سفر ۾ ڪيترا نه وڏا چئلينجز سامهون آهن.هاڻي ان اخبار جو ماڻهو انتظار آخر ڇو ڪن جيڪا سڀاڻي صبح جو اچڻي آهي ڇو ته ٽي وي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا ته انهن خبرن جو پورو آپريشن ڪري چڪي هوندي آهي.انهن سمورن سوالن ۽ چئلينجز تي ڌيان ڏيڻ بعد “پنهنجي اخبار” ۾ ڪجهه بهتر شيون شامل ڪيون ويون جيڪي اڳ ۾ پرنٽ ميڊيا کان شايد وقت يا جڳهه جي ڪمي سبب رهجي وينديون هيون.زرعي سماج سان لاڳپيل ماڻهن ٻڌايو آهي ته “پنهنجي اخبار” ۾ جنسن جا اگهه ۽ جنسن بابت خبرون اچڻ سان انهن کي بروقت ڄاڻ ملي ٿي.جڏهن ته عدالتن ۾ هلندڙ مختلف ڪيسن جي حوالي سان سنڌ جي مختلف عدالتن ۾ روزانو پيش ٿيندڙ وڪيلن توڙي سائلين وري اڃان هڪ ٻي ڳالهه ڪئي آهي ته جن عدالتي ڪاررواين کي اخباري دنيا اڳ ۾ نظرانداز ڪندي هئي هاڻي انهن کي “پنهنجي اخبار” موچارو اسپيس ڏئي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي آهي جنهن ڪري ڪنهن به عدالتي ڪارروائي بابت اسان کي ڪا معلومات وٺڻي هوندي آهي ته اها “پنهنجي اخبار” مان وٺندا آهيون.“پنهنجي اخبار” ۾ ڪالم ۽ خط ته شامل ڪيا وڃن ٿا پر سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بحث مباحثن کي به نظرانداز نٿو ڪيو وڃي.اخبار جو هڪ پورو صفحو انهن بحثن حوالي هوندو آهي جيڪي سوشل ميڊيا جي ايپس ٽوئيٽر يا فيس بڪ تي هلندا رهندا آهن.انهن بحثن مباحثن ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ يا رايا ڏيندڙن جا فوٽو به “پنهنجي اخبار” ۾ ئي شامل هوندا آهن، جنهن ڪري اڪثر دوست اهي اخباري فوٽو کڻي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا آهن ته ابا مون وارا ڪمينٽ يا رايا ايترا اهميت وارا اٿئو جو “پنهنجي اخبار” وارن به اهي منهنجي فوٽو سميت شايع ڪيا آهن.اخباري دنيا ۾ سوشل ميڊيا کي ان طرح سان ڏنل جڳهه ۽ اهميت سبب سوشل ميڊيا به اخبار کي ريفرنس طور استعمال ڪري رهي آهي.
“پنهنجي اخبار” جي ڪاميابي واري سفر ۾ جڏهن“ ٽائيم نيوز ”چينل شامل ٿيو ته ان کي پڻ ساڙ سڙين تنگ نظري واري منفي نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ مختلف قسم جون اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا.پر جڏهن “ٽائيم نيوز” جي نشريات شروع ٿي ته سنڌي ٻولي جو پهريون ايڇ ڊي چينل ڏسي سڀني جا منفي رايا بند ٿي ويا ۽ سندن وات حيرت مان کليل رهجي ويا ته ڇا لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ به ايئن ممڪن آهي ته ڪو سنڌي چينل نئين سر شروع ڪجي ۽ ان جي رزلٽ ۽ مواد ايترو بهتر هجي جو ماڻهو ٻين چينلن کان وڌيڪ “ٽائيم نيوز” کي ڏسڻ پسند ڪن.هاڻي جيئن ته سوشل ميڊيا جو به زور آهي تنهنڪري “ٽائيم نيوز” جي يوٽيوب چينل کي به بهتر ڪيو ويو آهي ته ويب سائيٽن کي پڻ بهتر کان بهتر ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.“ٽائيم نيوز” جي سٿ جا ساٿي وقت سر اهڙيون بريڪنگ نيوز ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون اسٽوريز آن ايئر ڪن ٿا جيڪي ماڻهو هفتن بعد به هڪٻئي کي واٽس ايپ ڪندا رهن ٿا.
“پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي سٿ ۾ شامل سمورا ساٿي نه رڳو تجربيڪار پر نين آزمائشن کي منهن ڏيڻ ۽ نوان چئلينج قبول ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا آهن تنهنڪري جيڪڏهن هاڻي به ڪنهن جي من ۾ اها پروپئگينڊا باقي آهي ته نئين اخبار هلي سگهندي يا نه يا نئون چينل هلي سگهندو يا نه ته اهو “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي وڌندڙ ساک کي ڏسي وٺي. اميد آهي ته کيس يقين اچي ويندو ته “ٽائيم نيوز” توڙي “پنهنجي اخبار” نه رڳو صحافت جي سنئين دڳ تي آهن پر اهي ڪاميابي طرف روان دوان قافلي جيان آهن جن کي پنهنجي منزل تائين هر حال ۾ پهچڻو آهي.سنڌي عوام کي ترت ۽ ساکائتي معلومات فراهم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ڪيس جو هر فورم تي دفاع ڪرڻ “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي اوليتن ۾ شامل آهي. پنهنجي سٿ جي ساٿين ڪنهن به قسم جي لالچ يا خوف ۾ اچي سنڌ ڪيس کي اقتداري ڀوتارن جي رحم ڪرم تي نه اڳ ڇڏيو هو نه هاڻ ڇڏيندا.ڇو ته هي انهن صحافين جو قافلو آهي جيڪي ستل هجن يا جاڳ ۾ پر هميشه اهو ورد ڪندا رهندا ته سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا…..