زرعي ملڪ ۽ صوبو هوندي جيتري زيادتي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن سان ٿي رهي آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي شعبي سان اوتري زيادتي ٿيندي هجي،پنهنجي پاليسين ۽ حڪمت عملين ۾ حڪومتن ايترو ته انهي شعبي کي پوئتي رکيو آهي جو اهو شعبو سدائين معاشي مشڪلاتن سان گڏ هڪڙي ننڌڻڪائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهيو آهي. حڪمرانن جي اڪثريت انهي زمينداري ۽ جاگيرداري سان لاڳاپيل هئڻ باوجود اهو شعبو مالڪي جي مڃتا نه ماڻي سگهيو آهي،سوڪ هجي يا ٻوڏ انهن جا منفي اثر انهي شعبي تي ئي پيا آهن ،ڪڏهن جنسن جا سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ ۾ دير ٿي ٿي وڃي ته ڪڏهن سرڪاري خريداري مرڪز نه کلڻ سبب آبادگار کليل مارڪيٽ ۾“ٺيڪيدارن ۽ وڏن واپارين جي رحم ڪرم تي هوندا آهن ۽ پنهنجي سيزن جي موڙي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ پوءِ سيزن ختم ٿيڻ تي اهي واپاري ساڳيو سامان مارڪيٽ ۾ آڻي ڪروڙين اربين رپيا ڪمائيندا آهن ۽ ڀوڳيندو اهو عوام ۽ آبادگار آهي.آبادگار پنهنجي محنت جو صحيح اجورو نه ملڻ کان محروم رهجي ويندو آهي ته عوام وري 50 رپيا ڪلو ملندڙ جنس 70 رپين تائين خريد ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي .پر حڪومتون ۽ انتظاميا ڪو تحرڪ وٺڻ بدران ماٺ رهي اڻ سڌي ريت ڄڻ ته انهي کليل مارڪيٽ جا سهولتڪار بڻجي ويندا آهن.
هن وقت به ساڳي صورتحال نظر اچي رهي آهي جڏهن ڪڻڪ کي لٿي مهينو کان به وڌيڪ گذري چڪو آهي پر اڃان تائين سڄي سنڌ ۾ سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آهن ڪجهه ضلعن ۾ جيڪڏهن اهي مرڪز کليل به آهن ته ڪٿي عملي جي کوٽ جي شڪايت ٿي سامهون اچي ته ڪٿي بارداڻي جو مسئلو آهي ته ڪٿي ڪو ٻيو مسئلو آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ خريداري جي رفتار اها ناهي جيڪا هجڻ گهرجي جنهن ڪري انهي جو فائدو اهي ٺيڪيدار ،واپاري ۽ کليل مارڪيٽ وارا کڻي رهيا آهن، توڙي جو سرڪار ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪري آبادگارن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو فائدو آبادگار تائين پهچڻ بدران ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدارن ۽ وڏن واپارين ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي.سنڌ ۾ هن وقت ٻين صوبن ۽ خاص ڪري پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ اپائيندڙ صوبو آهي تنهن ڪري ٺيڪيدارن ۽ وڏن واپارين سنڌ جي خوراڪ کاتي جي ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري پنجاب مان ڪڻڪ سستي اگهه ۾ خريد ڪري سنڌ ۾ جتي به سرڪاري خريداري ٿي رهي آهي اتي اها ڪڻڪ وڪڻي رهيا آهن جنهن ڪري سنڌ جي مقامي آبادگار ن کي ڪو فائدو نه ٿي رهيو آهي. خريف جي سيزن پهرين اپريل کان شروع آهي آبادگارن کي خريف جي فصل لاءِ زمين خالي کپي پر جڏهن سرڪار ڪڻڪ جي خريداري شروع ئي نه ڪئي آهي ته اهي آبادگار مجبوري ۾ پنهنجي ڪڻڪ سستي اگهه تي کليل مارڪيٽ ۾ وڪڻي رهيا آهن تنهن ڪري اهو خطرو به پيدا ٿي پيو آهي ته جيڪڏهن اها ڪڻڪ سرڪار خريد ڪري پنهنجو ٽارگيٽ پورو نه ڪيو ته ڪجهه مهينن کانپوءِ اهي ئي واپار ي خريد ڪيل ڪڻڪ لڪائي صوبي ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪندا ۽ پنهنجي مرضي سان انهي جا اگهه مقرر ڪندا جنهن جو بار عام ماڻهو جي کيسي تي پوندو.
اسان سمجهون ٿا ته سرڪار کي هن وقت ئي تڪڙو تحرڪ وٺڻ گهرجي جنهن ڪڻڪ جو 2 هزار رپيا امدادي اگهه مقرر ڪري آبادگار کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي يقيني به بڻائڻ گهرجي جتي جتي اڃان تائين سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آهن ته اهي کولڻ گهرجن ۽ جتي بارداڻي سميت عملي جي کوٽ جا مسئلا آهن اهي حل ڪري هتان جي آبادگار کي ڀرپور فائدو ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ مهينن ۾ وري عوام مهانگو اٽو ۽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي مجبور نه ٿئي ۽ واپارين ،ٺيڪيدارن ،کليل مارڪيٽ ۽ خوراڪ کاتي جي ڪامورن جي ٽڪساٽ کي به روڪي سگهجي .