اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي لاپتا ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل خالد جاويد عدالت کي ٻڌايو ته ائين ناهي ته لاپتا ماڻهن جو معاملو موجوده حڪومت ۾ شروع ٿيو،  هي معاملو موجوده حڪومت کي وراثت ۾ مليو، هن چيو ته رٽائرمينٽ بعد ماڻهو ڪتاب لکندا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رٽائرمينٽ بعد سڀ صوفي بڻجي ويندا آهن، اڳوڻا چيف ايگزيڪيوٽو ماڻهن کي کنڀڻ جي فخر مان ڪتاب لکي ڪريڊٽ کڻندا آهن. اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو (مشرف) پنهنجي ڪتاب ۾ شهرين کي لاپتا ڪرڻ جي ڏوهه جو اعتراف ڪيو پر ان خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿيو، شهرين کي لاپتا ڪرڻ تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس ٺهي ٿو . اٽارني جنرل چيو ته رٽائر ٿيڻ بعد سڀ ڪتاب لکي ديانتدار بڻجي ويندا آهن، ماڻهن جو لاپتا ٿيڻ پاڪستان تي داغ آهي، اها بدقسمتي آهي.