مسڻ (ن پ ا) مسڻ وڏي ڀرسان يوسي لانڍي جي ڳوٺ رئيس حاجي علڻ خان لغاري ۾ اٺ ڏينهن اڳ باھ واقعي ۾ 6 گهرن سڙي وڃڻ بعد تڪ جو چونڊيل نمائندو ايم پي اي امداد پتافي  8 ڏينهن گذرڻ باوجود متاثرن جي سار لهڻ نه آيو نه ئي واقعي جو نوٽيس ورتو ويو.ٻي طرف علي نواز لغاري، محمد عمر خان لغاري، شاهنواز لغاري، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبداشڪور ٿيٻو۽ ٻين متاثرن وٽ پهچي همدردي جو اظهار ڪيو، متاثرن جو چوڻ هو ته اسان پ پ پ جا ووٽر آهيون پر ايم پي اي اسان جي اڃا  تائين سار ناهي لٿي، سخت گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪابه سار نه لڌي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪئي وڃي.