مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن طالب الموليٰ ڪالوني، لطيف شاھ، ٽنڊو سعيدخان، گل محمد ڇلگري، ھموپوٽا سميت ۽ ٻين علائقن ۾ گرمي وڌي وئي، پارو 48 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ گرمي وڌڻ برف ملڻ محال بڻجي وئي،نيشنل هاءِ  وي ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙي،ڳوٺ ميوو حاجاڻو ويجھو قائم  برف جا ڪارخانا علائقي واسين کي برف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو،  بليڪ تي برف وڪرو ٿي رهي آهي،  ان حوالي سان رهواسين امجد رند، محب آزاد، محمد خان عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هاڻي سخت گرمي ۾ ٿڌي پاڻي کان به محروم بڻجي ويا آهيون،  علائقن مان برف غائب ٿي وئي آھي.ڪارخانيدار  ڪچي برف  به مھانگي اگھه تي وڪرو ڪري رھيا آھن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي برف ڪارخانن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.