پينسلوانيا(انٽريسٽنگ نيوز) ڇا آرٽيفيشل انٽيليجنس کي بک لڳي سگهي ٿي؟ ان لاءِ هو پنهنجو پسند جو کاڌو تيار ڪندا، ان حوالي سان آمريڪي محققن جاچ  ڪري رهي آهي. آمريڪي رياست پينسلوانيا جي محققن جي هڪ ٽيم هڪ اليڪٽرانڪ زبان تيار ڪرڻ ۾ لڳل آهي جيڪو ان ڳالهه جي نقل ڪندو ته ذائفو ڪهڙي طرح محسوس ٿئي ٿو ۽ خواهشن ۽ ضرورتن جي بنيادن تي ڪيئن اثرانداز ٿيندو. ماهرن جو ڄاڻايل وڏو پراجيڪٽ اي آءِ لاءِ هڪ امڪاني بليو پرنٽ فراهم ڪري ٿو. جيڪو معلومات کي انسان جيان پروسيس ڪري ٿو. سندن چوڻ آهي ته انساني رويو ڪافي پيچيده آهي، اسان جي جسماني ضرورتن ۽ نفسياتي خواهشن جي وچ ۾ هڪ سمجهوتو آهي، ماهر سپترسي داس جو چوڻ هو ته اسان جي تحقيق جو بنيادي مرڪز اهو هو ته اسان ذهانت جي جذباتي حصي کي اي آءِ ۾ ڪيئن آڻي سگهون ٿا. انساني جذبا هڪ وسيع ميدان آهي ۽ ڪيترائي ماهر نفسيات جو مطالعو ڪن ٿا. انساني روين جو مشاهدو ڪرڻ آسان آهي ليڪن پيمائش ڪرڻ مشڪل آهي روبوٽ ۾ نقل ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس کي جذباتي طور تي ذهين بڻائڻ جو في الحال اڃا تائين ڪو به جامع طريقيڪاري ناهي.