مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل

0
166

مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل

حيدرآباد: مزدورن کي مبينا قيد ڪري  تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي  جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

عدالتي حڪم تي مارٽ مالڪ عتيب  افتخار آرائين، مئنيجر جاويد ملڪ ۽ ايس  ايڇ او جي او آر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

مسمات ذوحا ڌيءُ فرمان علي  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت  ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

درخواستگذار موجب مارٽ مالڪ ۽ مئنيجر ڀاءُ ياسر سميت  2ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻايو، ايس  ايڇ او ڪيس داخل نٿو ڪري

عدالتي حڪم تي ايس ايڇ او ۽ مارٽ انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي