ٻڪرا پڙيءَ ۾ اسان جو دوست ولڻ ونگارِي  ٻن ڏينهن کان ٻڪرو ڳولي رهيو هو… پر نه هِنَ کي ڪو پسند پئي آيو ۽ نه هيءُ ڪنهن کي پسند پئي آيو.

ٻڪرن جي هڪڙي مالڪ چيس، “ادا، ٻڪرو توهان کي قربانيءَ لاءِ کپي  يا ٻڪري کي گود وٺندائو؟”

ولڻ ونگاري هڪڙي ٻڪر جا ڏند ايترو ته غور سان  ڏسڻ لڳو جو  مالڪ چيس،

“سائين، ڏينهن ۾ ٻه دفعا برش ڪندو آهي”!

ولڻ به ڳالهه ڦيرائيندي چيو، “نه نه … اصل ۾ مان ڏسان ٿو ته سگريٽ ته ڪونه ٿو پيئي”!

ولڻ اڳيان وڌي هڪ ٻئي ٻڪر جي ٽَنگن ۾ هٿ وڌو.

چيائين، “هن جا پير ته صحيح ڪونه ٿا لڳن”!

مالڪ چيس، “سائين، پهرئين اهو ٻڌايو ته توهان هن کي ڪُهندائو يا نچائيندائو”!

ولڻ چيو، “مون کي ڪو ٻه ڏندو ڏيکاريو”!

مالڪ چيس، “هيڏانهن اچو… توهان کي اهڙو ٻڪرو ٿو ڏيکاريان جو توهان کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويندو”!

مالڪ هن کي هڪڙو قدآور ٻڪرو  ڏيکاريندي چيو، “ڏسو، هن جو نالو آهي، ٻه ڏندو شهزادو”!…

ولڻ پڇيو، “هن ۾  ڪهڙيون خوبيون آهن؟”

مالڪ چيس، “هي تازو ڌاڙيلن وٽان آزاد ٿي موٽيو آهي”!

ولڻ ٿورو ڇرڪيو، “ٻيو؟”

مالڪ چيس، “هن تي ڪرپشن جو هڪڙو به  ڪيس ڪونهي”!

ولڻ وري پڇيو، “ٻيو ؟”

مالڪ چيس، “ٻيو ته…توهان هن کي وڻيوَ ته قربانيءَ لاءِ استعمال ڪريو… وڻيوَ ته  اليڪشن ۾ بيهاري ڇڏيو”!

“پئسا گهڻا؟”

مالڪ ڪَنَ ۾ پئسا ٻُڌائيس ٿو.

“ايترو مهانگو….ڪو سستو  ڏيکار”!….

“سائين، ٻڪرا هر دور ۾ مهانگا هوندا آهن… سَسِتي رڳو رَسِي هوندي آهي”!

ولڻ اداس ٿيندي چيو، “انهن ٻڪرن مون کي ايترو سهڪايو آهي… ڄڻ آئون انڪم سپورٽ جا پئسا وٺڻ آيو هجان”!

… ۽ نيٺ ولڻ  اهو ٻه ڏندو شهزادو خريد ڪرڻ تي راضي ٿي ويو .

مالڪ کي چيائين، “دراصل اسان جو پراڻو ڪاسائي ڪميشن پاس ڪري پروفيسر ٿي ويو آهي…. ڇا، توهان ٻڪرو ڪُهي ڏيندائو؟”

مالڪ چيس، “ها، سائين … آئون پاڻ به ڪاسائي آهيان … آئون هن جي کَلَ ائين لاهيندس جو توهان کي آءِ ايم ايف ياد اچي ويندي”!

۽ جڏهن ولڻ ٻڪرو گيهليندو گهر پهتو ته ٻڪر اهڙيون وٺي رڙيون شروع ڪيون جو سندس ننڍڙي پٽ پڇيو، “بابا، اسڪولن جي ته موڪل آهي، پوءِ هِي دانهون ڇو پيو ڪري؟”