مزاح … عيدالاضحيٰ تي پنھنجي صحت کي نه وسارجو!!

0
31
مزاح ... عيدالاضحيٰ تي پنھنجي صحت کي نه وسارجو!!

 اڄ عيدالاضحيٰ جي بابرڪت ڏڻ تي اوھان سڀني سڄڻن کي دل جي گهراين سان عيد مبارڪون ۽ نيڪ خواهشون.

 جيئن ته ھيءَ عيد خاص طور تي حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت تحت جانورن جي قرباني ڏئي، ملھائي ويندي آھي، تنھنڪري گوشت کائڻ توڙي قرباني جي ٻين پهلوئن جي “انساني صحت” سان لاڳاپي متعلق ڪجھ گذارشات عرض رکجن ٿيون:

* سڀ کان اول ته قربانيءَ جي جانور ۽ جتي ان کي ذبح ڪيو وڃي، انھيءَ ھنڌ جي صفائيءَ سٿرائي جو بھتر انتظام ڪجي. ساڻ اوزار، ٿانوَ ۽ گوشت جي چرپر جي سڀني مرحلن کي پاڪ صاف رکجي. خاص طور تي کل ۽ آلائشن کي مناسب طريقي سان تلف ڪجي ته جيئن گھٽين ۽ ماحول ۾ بدبوءِ ۽ گندگي نه ڦھلجي. ٻي صورت ۾ مکيون مڇر،  جيت جڙا، ڪوئا ۽ ڪتا وغيره، انھيءَ گندگي جي ڍيرن تان ڪيترن ئي مرضن جي ڦهلاءَ جو ذريعو بڻجي سگھن ٿا.

* گوشت جي ورھاست شرعي اصولن جي عين مطابق ڪجي ته جيئن اوھانجو ديني فريضو احسن طريقي سان ادا ٿئي ۽ اهو غريبن، ضرورتمندن ۽ دوست احباب کي ملي سگھي. ٻيو ته جهجھي مقدار ۾ گوشت کي فريز ڪري رکڻ جي نوبت به نه اچي، جيڪو وري ماڻھو ڪيترن ئي ڏينھن ۽ ڪٿي ڪٿي ته ھفتن تائين پيا واپرائيندا آھن. اھو ڪو پسنديده ۽ بھتر عمل ڪونھي، ڇاڪاڻ ته پاروٿو گوشت بھرحال صحت لاءِ سٺو ڪونھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته بيماريون به پيدا ڪري سگھي ٿو.

* قربانيءَ جو گوشت کائڻ مهل ھميشه احتياط ڪريو. ھڪ ته اهو مواڙ جانورن جو ھوندو آهي ۽ منجھس چرٻي به گھڻي ھوندي آھي، ٻيو ته وري مھمان داري طور قسمين قسمين طعامن، مرچ مصالحن ۽ ذائقن جي ڪري ماڻھو معمول کان وڌيڪ کائي ويندو آھي، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگھي ٿو. خاص طور تي دل، بلڊ پريشر، وڌيل چرٻي/ڪوليسٽرول، شوگر ۽ گڙدن/Kidney وارا مريض، انتھائي احتياط کان ڪم وٺن.

* گوشت کي چڱيءَ ريت پچائي ۽ مناسب مصالحا ملائي کائجي ته جيئن بدھضمي ۽ معدي جي تيزابيت ۽ السر کان بچاءُ ٿئي. کاڌي ۾ لوڻ ۽ گيھ ته بنھ گھٽ وجھجي، ڪوشش ڪري تريل ۽ فرائيڊ طعامن کان پاسو ڪجي ته ڀلو. ان سان بلڊ پريشر ۽ گڙدن جي خرابي جھڙن صحت مسئلن کان بچي سگھجي ٿو.

* وڏي جانور جي گوشت (Beef) کائڻ  ۾ ته اڃا به وڌيڪ احتياط ڪجي ۽ ڪوشش ڪري وڏي ڄمار جا ۽ ڪنھن بيماري ۾ مبتلا ماڻھو ته بھتر ٿيندو جو ان کان پرھيز ڪن. خصوصاً مغز، جيرو، پايا ۽ ٻين عضون جو گوشت نوجوانن ۽ ٻارن کي کارائجي، اڌڙوٽ ۽ پوڙھا، ٿلھا ۽ مريض، بلڪل نه واپرائين ته بھتر ٿيندو.

* عيد جي ايام ۾ رڳو گوشت کائڻ بجاءِ گڏوگڏ ڀاڄيون، ميوا، سلاد ۽ ڌونئرو (ڏهي) وغيره جو استعمال به ضروري آھي. ان سان ھاضمو درست رھي ٿو ۽ جسم کي گهربل سڀئي غذائي جُزا به ميسر اچن ٿا. صاف پاڻي جو به وافر استعمال ڪجي.

* گوشت کي گھڻي عرصي تائين فرج ۾ رکڻ سان ھڪ ته ان جي غذائيت متاثر ٿي سگھي ٿي. ٻيو ته پاروٿو ٿي وڃڻ کانپوءِ ان مان  ڪڏھن ڪڏھن فوڊ پوائزننگ/زھريلا اثرات پڻ پيدا ٿي سگھن ٿا، جيڪي صحت لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آھن.

* غريب ۽ نادار ماڻھن کي عام حالات ۾ گوشت صفا ورلي نصيب ٿيندو آھي، تنھنڪري قربانيءَ جي گوشت وسيلي سندن گوشت ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ھي ھڪ بھترين موقعو آھي. اسان سڀني کي گھرجي ته اُنھن بي پھچ ماڻھن تائين گوشت جي پھچ کي  ممڪن بڻايون. انھيءَ سلسلي ۾ رضاڪار دوست گڏجي ڪري پنھنجي آسپاس جي علائقن ۾ گوشت گڏ ڪري ضرورتمندن تائين پهچائين.  ان سان ھن سنت ابراهيمي ۽ عيدالاضحيٰ جو اصل مقصد به پورو ٿيندو ۽ گوشت خوري به ھڪ سراسري تحت ٿيندي، جيڪا انساني صحت لاءِ فائديمند آهي.

* قربانيءَ جون کلون ھميشه ڏسي وائسي ڏجن ته جيئن اھي نادار ۽ غريب ماڻھن توڙي سٺي ساک وارن عوامي ادارن کي ملن ۽ انسانيت جي سهائتا جو سبب بڻجن، نه وري ڪنھن اڻوڻندڙ ٽولي جي ھٿ چڙھن.

* آخر ۾ اھو نماڻو عرض ته قربانيءَ ڪرڻ مھل ماحول کي گندگيءَ ۽ بگاڙ کان بچاءُ جا جتن ڪريو ۽ ھڪ ذميوار شھري جو ثبوت ڏيو. خاص طور تي اوجھري ۽ ٻين غلاظتن کي مناسب طريقي سان ٺڪاڻي لڳايو ۽ انھيءَ سلسلي ۾ پنھنجي ميونسپل ادارن سان سهڪار پڻ ڪريو. ان سان اسين صحتمند ماحول ۾ بيمارين کان بچيل رهنداسين ۽ عيد جون خوشيون محفوظ طريقي سان ملھائينداسين.

[email protected]