حيدرآباد(بيورورپورٽ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ مُرڪ جان پيرزادو جي موت جي جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي 8 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. مُرڪ جاچ ڪاميٽي جي اڳواڻ سرور خشڪ، مومن سمون، منور شيخ، نواب بڙدي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد پوليس مُرڪ جي موت تي ڪا به پيش رفت ناهي ڪري سگهي، تنهن ڪري پوليس خلاف ۽ جوابدار سيف جتوئي جي گرفتاري لاءِ 8 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ اولڊ ڪينٽين کان پريس ڪلب تائين احتجاج ڪيو ويندو. پڌرائي موجب جوابدار سيف جتوئي جي ضمانت درخواست تي هاءِ ڪورٽ  8 ڊسمبر تي واررثن ۽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. وڪيلن جي وڏي انگ سان ضمانت نه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري، نياڻي مرڪ جان پيرزادو جي ڪيس جي مُک جوابدار سيف جتوئي  کي گرفتار ڪرايو ويندو.