مريم نواز ڪراچي وارو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

0
508

لاهور (بيورو رپورٽ) مريم نواز ڪورونا جي صورتحال سبب ڪراچي وارو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز طرفان ڪورونا سبب عوام جي زندگين کي پيش ايندڙ خطرن سبب ڪراچي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، اين اي 249 تي ننڍي چوند لاءِ نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل جي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ مريم نواز کي اڄ ڪراچي جي دوري تي پهچڻو هو، سنڌ ۾ نواز ليگ جي قيادت کي به دورو ملتوي ٿيڻ بابت اطلاع ڏنو ويو.