مريم اورنگزيب جا گرفتاري وارنٽ رد

0
82
مريم اورنگزيب جا گرفتاري وارنٽ رد
مريم اورنگزيب جا گرفتاري وارنٽ رد

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا

دهشتگردي ٽوڙ عدالت   جي جج عبهر گل مريم اورنگزيب سميت ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

مريم اورنگزيب، جاويد لطيف ۽ ٻيا  اڳواڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران  عدالت گرفتاري جا وارنٽ  رد  ڪري ڇڏيا

عدالت طرفان شريڪ جوابدارن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو تحريري فيصلو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪندي  مريم اورنگزيب  جي بريت  جي درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم ارونگزيب چيو ته ن ليگ سربراهه نواز شريف کي چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم بڻائينداسين، جنهن سان پاڪستان ٻيهر ترقي ڪندو

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معيشت کي کوکلو ڪري ڇڏيو، 190 ملين پائونڊز ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو هو، ٻين کي چور چوندڙ 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو