مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ- گڊو روڊ تان 6 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل شعبان مزاري ۽ اڪرام مزاري کنڀڙا پوليس بازياب  نه ڪرائي سگهي، نه وري ڪيس ئي  داخل ٿي سگهيو. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس او کنڀڙا شفيع محمد گولي جو چوڻ ھو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. هوڏانهن معلوم ٿيو آھي ته کنڀڙا پوليس پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي پاسي23 ڏينهن اڳ سيٺ نارائڻ داس کان مريد شاخ وچ شھر مان دڪان تان نامعلوم هٿياربند ڦورو 10 لک روپيا ڦر ڪري ويا. اغوا توڙي ڦر جي معاملي ۾ پوليس رسمي ڪارروائي کان وڌيڪ ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.