مروان موت، ملوڪان شڪار

0
170
روئيداد  ڪجھه راتين جي

ڪجھه ڏينهن اڳ وائلڊ لائيف کاتي پاران اخبار ۾ ڇپيل هڪ  اشتهار نظر مان گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي جابلو ٻڪرcapra aegagrus blythi ۽ آڙيال Ovis   orientalis vignei  جي شڪار جي اجازتنامن جي آڇ ڏنل هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته غير ملڪي توڙي ڏيهي شڪاري مقرر ڪيل تاريخ تي ڪنزرويٽر والڊ لائيف آفيس۾ شڪار جي اجازتنامن لاءِ درخواستون جمع ڪرائين. وائڊ لائيف کاتي انهن ناياب جانورن جي شڪار لاءِ اگھه به مقرر ڪيا هئا،جيڪي شڪارين کي پيارڻا هئا، شڪاري پئسا پيارڻ کان پوءِ  پهاڙن ، جهنگلن ، ٿرن ۽ صحرائن جو رخ ڪندا، جتي ڪيمپون هڻي وڃي ويهندا، ناياب جانون ۽ پکين جو سر وڃائيندا.

 شڪار جي شروعات جهنگلي انسان کان ٿي آھي. اهي انسان  جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪري پيٽ ڀري کائيندا هئا،ان کان پوءِ سڌريل انسان به  شڪار کي جاري رکيو، شڪار بابت شاهه لطيف جي سر کاهوڙي ۾ ذڪر ملي ٿو.

جهنگل آھڙين کي، ڀنڻ ڪيو  روند

نه ڪتا نه ڪوڙڪيون ، چڙھيو اڀو چوند

هڏھين نه هوند،   انهان پوءِ عالم ۾

جهنگل شڪارين لاءِ روئي رڙي ٿو۽ ايئن پيو چوي ته هتي نه ڪتا ٿا پسجن ۽ ن ئي ڪوڙڪيون، هن کان پوءِ اهو جهنگ جهان ۾ ئي نه هوندو.

دنيا ۾ ڪروڙين سال اڳ هاڻوڪا کنڊ ھڪ مها کنڊ پين گائيا pangaea جي شڪل ۾ ھئا جيڪي اڳتي هلي ٽٽڻ لڳا. انهن کنڊن جي ڪوهه ارض تي ڪٿي جبل ته ڪٿي جهنگل، صحرا ، واري جا دڙا ۽ ڍنڍون ٺھنديون ويون . ارضياتي نظرئي موجب ڌرتي جي سطح  کنڊن  ۽سامونڊي پليٽن تي جڙيل آھي.  ڌرتي جي وجود ۾ اچڻ کان لکين سال پوءِ ڌرتي جي مختلف حصن جبلن ،ٿرن ، چراگاهن، رڻپٽن ۽ ساحلي علائقن ۾ جانورن توڙي پکين به  رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجو نسل  وڌائڻ شروع ڪيو.  اهڙي طرح سان انهن جونسل وڌندو رهيو ليڪن  ڪافي ڏهاڪن کان وٺي خاص ڪري اهي  پکي ۽ جانور جيڪي مختلف سببن ڪري ختم ٿيڻ لڳا آھن،  جن ۾  سره capra aegagrus.گڊ ovis vignei.چنڪاروgazella.ڦاڙھوaxis porcinus .ڪارو هرڻantilope cervicapra,ميداني سهو nigricollis dayanus . جابلو سهو,lepus capensis,روجھboscelaphus tragocamelus , پکين ۾  ڪونج grus grus ڪيڻاٺي Gallinula chloropus ڪهنگ moorhen لاکي ڄاڃي phocnicopterus,تور ciconia ciconia ڏوئيرو platalea leucorodia ڪانيرو plegadis falcinellus سانه ardea cinerea ٿرهانڊو aythya farina nyroca feina, چينهن dendrocygna javaica. ڳهڻو anas clypeata  هنجهر anus poecilorhyncha تلورchlamydotis undulata ڪارو تتر francolinus francolinus. اڇڙو تترfrancolinus pondicerianus   ۽ ٻيا شڪارين جي گولين جو کاڄ ٿيندا رهيا آھن، جنهن ڪري  انهن پکين ۽ جانورن جو نسل ختم ٿيندو ٿو وڃي.

جهڙي طرح موسمي ۽ ارضياتي حالتون انسانن لاءِ مشڪل رهيون آھن، اهڙي طرح اهي موسمي حالتون جانورن ۽ پکين لاءِ به خطرناڪ رهيون آھن. جڏھن صحرا ۽ رڻپٽ سخت تپش سبب آتش نمرود جو ڏيک ڏيڻ لڳندا آھن ته ان ويلي گهٽ خوراڪ ۽ اڃ سبب ڪيترائي جانورتوڙي پکي مري ويندا آھن ۽  ڪجھه جانور وري خونخوار جانورن جي شڪار جوکاڄ ٿي ويندا آھن.  اهڙن ناياب جانورن جا نه  رڳو چيتا ، شينهن ، بگهڙ ، ڦيڪاري، چراخ دشمن هوندا آھن، ليڪن جانورن کي نانگ به ڏنگي ماريندا آھن،  مٿان وري شڪاري ماڻھو به انهن جي جان جا  ويري هوندا آھن. اهڙن سببن ڪري انهن جانورن جو نسل ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ختم  ٿيندو.

دنيا ۾ جانورن توڙي پکين جي شڪار جون سرگرميون لکين سالن کان هلنديون اچن  ٿيون. رولاڪ انسان جڏھن کان جهنگلن ،ميدانن،صحرائن توڙي جبلن تي پيا ڀٽڪندا هئا تڏھن کان اهي جانور توڙي پکي اجل جو لقمو  پئي بڻيا، ليڪن اهڙن موسمي حالتن جي ڦير گير ، وحشي جانورن جا حملا ۽ زهريلي نانگن جي ڏنگڻ ۽ انسانن جي شڪار ڪري اهڙا جانور توڙي پکي جيڪي هن وقت ذري گهٽ ختم ٿي ويا آھن  ۽ رهيل جانورن توڙي پکين جو نسل به ختم ٿيندو ٿو وڃي، سڌريل ملڪن ۾ اهڙن جانورن توڙي پکين جي نه فقط شڪار تي بندش ھوندي آھي ليڪن انهن جي واڌ ويجهه لاءِ قدم به کنيا ويندا آھن. افسوس اسان وٽ  اهڙن جانورن توڙي پکين جي حفاظت ۽واڌ ويجھه لاءِ کاتو ته موجود آھي ليڪن انهن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ انهن جي نسل ڪشي ڪئي ٿي وڃي.

پکين توڙي جانورن جي شڪار جا مختلف طريقا هوندا آھن ،جيئن بندوق جو شڪار ، رڇ جو شڪار، گهٽن جو شڪار، ڪاتر جو شڪار، ڪتن جو شڪار، ڌڪن جو شڪار، ڪوڙڪين جو شڪار۽ تير ڪمان جو شڪار, ۽ باز جو شڪار,

هن وقت ن فقط اسان وٽ ليڪن ساري دنيا ۾  ناياب جانورن توڙي پکين جو نسل موسمي حالتن، پاڻي جي کوٽ، بيمارين۽ ٻين سببن ڪري ختم ٿيندو ٿو رهي. ماحولياتي تبديلين ۽ گدلاڻ سبب نه فقط انسان نين نين بيمارين کي ڀوڳيندو رهيو آھي پر ان سان گڏ جانور توڙي پکي به خطرناڪ بيمارين سبب مرندا رهيا آھن .

آڳاٽي وقت ۾ جيڪي جانور ۽ پکي  موجود هئا،اڄ انهن جو نالو نشان به ڪونهي، جيئن جانورن ۾  لومڙ،بگهڙ، ھرڻ،  سهو، گڊ ، سرنهن، ۽ روجھه.  پکين ۾ تلور، تور , تتر ، چينهن،  هڙيو، ڳيرو،  ڏوئيرو، چيخلو، هنجهر،  هنجھه، سانهن، لاکي ڄاڃي، طوطو، بلبل، ڪوئل، تاڙا، ٻوڙي۽ ٻيا پکي. شڪارين ھميشه  انهن جانورن توڙي پکين کي پئي نشانو ڪيو آھي، ڪافي عرصي کان وٺي وري سنڌ۾ عرب شڪاري به ايندا رهندا آھن جن کي سنڌ جا سردار ۽ امير شڪار گاهن تي وٺي وڃي جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪرائيندا آھن ۽ انهن جي خوشنودي حاصل ڪندا آھن.

ڪجھه ماڻھن کي شڪار جو شوق هجي ٿو،آئون به ڪيترائي دفعا شڪارين سان گڏ جانورن توڙي پکين جي شڪار تي ويو آھيان، جڏھن اتان موٽيو آھيان ته ايئن محسوس ڪيو اٿم ڄڻ بهارن جي مند ۾ ڪيئي گل مروڙي موٽيو آھيان.ڪيئي سال اڳ مون ان ڏينهن کان بندوق هٿ ۾ کڻڻ کان توبھه ڪئي جڏھن رئيس محمدبخش چانڊئي جي ڍنڍ تان ٻيڙين تي شڪار ڪري موٽيا هئاسين.ان شڪار ۾ اسان ٻيڙين تي سوار هئاسين آڙيون جيئن ئي اڏريون ٿي ته بندوقن جا منهن انهن ڏي هئا اهي پاڻي ۾ ڪرنديون ٿي ويون. هڪ آڙي منهنجي هنجھه ۾ اچي ڪري هئي، مون زخمي پکي ۾ چتائي ڏٺو ته اها ڦٿڪي رهي هئي، اهو منهنجو آخري شڪار هو. مون سوچيو ته شڪار ڪندڙ خود به  شڪار ٿيڻو آھي. ان ڏينهن اسان  ٻه ٽي سئو پکي ماريا هئا، اسان سان گڏ ماما ڪريم بخش چانڊيو،  منهنجو ننڍو ڀاءَ صوبيدار بشام خان چانڊيو، صوبيدار علي نواز لغاري  ۽  عبدالجبار ميمڻ گڏ هو. علي نواز  لغاري  ٿوروئي پوءِ جگر جي بيماري ۾ وٺجي موت جو شڪار ٿي ويو،  هاڻي ڪجھه مهينا ٿيا آھن ته  ڪنهن اخبار لکيو  رئيس محمد بخش چانڊيو به گذاري ويو.

معصوم جانور ۽ پکي جيڪي نه فقط هن ڪائنات ۾ نسورو پيار آھن پر اهي انهن ملڪن ۽ ھنڌن جي سڃاڻپ به هوندا آھن، ان ڪري ان پيار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ اسان سڀني کي جانورن ۽ پکين جي حفاظت ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي بي موت مرڻ کان بچائڻو پوندو.