مرد خبر ناھي ڪھڙي پريشاني ۾ ھوندا آھن جو اُنھن جا وار ڪري پوندا آھن: سونيا حسين

0
341
مرد خبر ناھي ڪھڙي پريشاني

ڪراچي: پاڪستاني مشھور اداڪارا سونيا حسين جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ مھانگائي گھٽ ٿيڻ جو نالو ئي نھ پئي وٺي، ھڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿي ھُن سوالن جا جواب ڏنا، ھُن کان سوال پڇيو ويو تھ ڪيترا سيڪڙو ماڻھو جعلي ڏند لڳرائيندا آھن

ھن کلندي چيو تھ جعلي وارن جو پڇو تھ مان ٻڌايان ٿي، ھن چيو تھ مون کي لڳي ٿو تھ سڀني ئي جعلي وار لڳرائي ڇڏيا آھن، ھن چيو تھ عورتن جا وار مردن جي مقابلي ۾ سٺا ھوندا آھن

پر مرد ويچرا خبر ناھي ڪھڙي ذھني پريشاني جو شڪار ھوندا آھن جو اُنھن جا وار ڪري پوندا آھن، ھن چيو تھ جيڪڏھن مان ھي ٻڌنديس تھ پاڪستان ۾ مھانگائي ڪونھي تھ بيھوش ٿي وينديس، ملڪ ۾ مھانگائي گھٽ ئي نھ پئي ٿئي