مذھب جي جبري تبديليءَ جي حقيقت ۽ لڏپلاڻ

0
24

سرمد گل ڀٽو

  ان ڳالهه کان انڪار ڪري نه سگهبو ته سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سنڌي ھندن سان وڏا ڪلور پيا ڪيا وڃن! ڪڏھن مذھب جي آڙ ۾، ڪڏهن پنھنجي ذاتي دُشمني خاطر ته ڪڏھن سندن نياڻين کي اغوا ڪري جبري مذھب مٽائڻ جا الزام به سامهون ايندا رهيا آهن. ڪجھ ڏينھن اڳ سمن لوھاڻو جي مذھب جي تبديليءَ جو معاملو پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهيو. سمن ڏيپلي جي رھواسڻ آھي، اُن مذھب اسلام قبول ڪيو. ڇا سمن پنهنجي رضا خوشيءَ سان مذهب تبديل ڪيو يا وري ان ۾ جبر جو عمل دخل هو؟2012 ع ۾ رنڪل ڪماري وارو معاملو سامهون آيو. رنڪل ڪماري کان جج پُڇا پئي ڪئي ته اوھان رنڪل ڪماري آھيو يا فريال بيبي؟ اوھان گھر وڃڻ چاھيو ٿا يا نه؟ ته رنڪل ڪماري جواب ڏنو ته مان پنھنجي گھر وڃڻ چاھيان ٿي. جج رنڪل ڪماري کي پوليس جي ڪسٽڊي ۾ 15 ڏينھن لاءِ دارالامان موڪليو. ڇا دارالامان جون حالتون ۽ ماحول ڪنهن کان ڳجهو آهي؟ ڇا اتي جبر ۽ تشدد مروج نه آهي؟

سنڌي ھندن جي پاڪستان ۾ نمائندگي ڪندڙ پنھنجا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ۽ ھندو ڪائونسل جا نمائندا يا ھيومن رائيٽس وارا توڙي لبرل ڌريون اھڙن معاملن  تي تحرڪ ڇو نٿا وٺن؟ ڪھڙي طاقت انھن سڀني جي زُبان تي تالا ھڻيو ويٺي آھي؟ سمن لوھاڻو پنھنجو بيان پئي ڏنو ته مان مذھب اسلام مان متاثر ٿي اسلام قبوليو! پر هتي ڪجهه سوال جواب طلب آهن. سجاد مھر ڏھرڪي واسي ڇوڪري سان پيار جو پرڻو ڪري پندرنھن ڏينھن جي سُڃاڻ ۾ ڇوڪري مذھب مٽائي وئي! بقول سُمن جي ته مان سجاد کي ڏٺو به ڪونه ھو، نه ئي ان سان ڪڏھن ملي ھيس!

پاڪستان مان ھزارن جي تعداد ۾ سنڌي ھندو ڪٽنب جبر ۽ تشدد واري ماحول سبب مايوس ٿي ھندستان ھليا ويا آهن ۽ ڪيترائي وڃڻ جي تيارين ۾ آھن. سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان جبر و ظلم ھاڻ بند ٿيڻ گهرجي. دين ۾ ڪو جبر ڪونھي پر هتي گهڻا معاملا مشڪوڪ آهن. مذهب جي جبري تبديليءَ جا الزام لڳندا رهيا آهن. مذهب هر ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو آهي، مذهب جي تبديليءَ ۾ سماجي ۽ معاشي پسمنظر سميت گهڻا معاملا هوندا آهن، پر ھتي رُڳو سنڌي ھندن کي ٽارگيٽ ڪري پنھنجي سنڌ وطن مان زوري ڪڍيو پيو وڃي.

بيشڪ دنيا ۾ مذھبي تبديليون ٿينديون آھن پر اُھا مذھب جي تبديلي اندر جي انقلاب جو نالو ھوندي آھي. رڳو سنڌي ھندو نياڻيون ئي مذھب تبديل ٿيون ڪن، توھان اُنھن نياڻين کي مذھب تبديل ڪري نڪاح جي نوبت ڇو پيا آڻيو! ڀيڻ يا ماءُ ڇو نٿا ڪريو، رڳو زال ڇو! يا وري سنڌي ھندو نوجوان ڇوڪريون رڳو مذھب مان متاثر پيون ٿين، وڏي عُمر واريون ڇو ڪونه؟ مولانا وحيد الدين خان ھندستان جو وڏو مذھبي اسڪالر آهي، تنهن پنھنجي ڪتاب “اسلام جو عقلي مطالعو” ۾ لکيو آھي ته، “مذھب جي تبديلي انسان جي اندر جي انقلاب جو نالو آھي، نه ڪي ڪنھن فرد جي عشق جو”، پر اسان وٽ معاملو ئي مختلف آهي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته سچل سائين سميت جن صوفين ھندو- مسلم اتحاد پئي چاھيو، اُھو اتحاد اصل ۾ سياسي پئي چاھيو، جيئن سامراج کي نفاق جو موقعو نه ملي. جڏھن انساني اتحاد يا گڏيل صورت پُرزا پُرزا ٿي ويندي آھي ته پاڻ ۾ جنگيون لڳنديون آهن ۽ رتو ڇاڻ ٿيندي آھي. ڪنهن کي به مرضيءَ سان مذهب جي تبديليءَ تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر ان ۾ جبر جو عمل دخل نه هئڻ گهرجي. مذھب جي آڙ ۾ ڪنھن ماءُ کان ڌيءَ، ڪنھن ڀاءُ کان پنھنجي ڀيڻ، ڪنھن پيءَ کان پنھنجي نياڻي جُدا نه ڪئي وڃي.