اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾آمريڪي ايوان نمائندگان جي ٺهراءِ خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، اپوزيشن جي ميمبرز شائسته پرويز ملڪ پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي مخالفت ڪندي احتجاج ڪيو ويو، حڪومت پاران آمريڪي ڪانگريس ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ خلاف منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن ۾ ڪروڙين پاڪستانين ووٽ ڏنا،پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نا مناسب آهي، آمريڪي قرارداد مڪمل طور حقيقتن تي ٻڌل ناهي، پاڪستان آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پنهنجي اندروني معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪندو. قرارداد ۾ چيو ويو ته آمريڪي ايوان نمائندگان کي غزه ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏئي، ايوان چاهي ٿو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل هجن. قومي اسيمبلي آمريڪي ٺهراءَ خلاف قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل قرارداد جي مخالفت ڪئي ۽ ايوان ۾ نعريبازي ڪئي. سني اتحاد ميمبرن سائفر سائفر ۽ شيم شيم جا نعرا هنيا، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون، شائسته پرويز ملڪ چيو ته اسان کي مداخلت کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪومتي ميمبر چيو ته شرم جي ڳالهه آهي پي ٽي آءِ ايبسلوٽلي ناٽ جو نعرو هڻندي هئي اڄ آمريڪي ايوان خلاف قرارداد جي مخالفت ڪري رهي آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ آمريڪي ايوان خلاف قرارداد کي ايبسلوٽي ناٽ چئي ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته ڪانگريس جي ٺهراءَ کي آمريڪي حڪومت جي مداخلت نٿي چئي سگهجي. حقيقت اها آهي ته حڪومت چونڊن جي مامري ۾ جاچ نٿي ڪرڻ چاهي، جمهوريت ۾ مخالف ڌر جو سڀ کان اهم ڪردار هوندو آهي، هن حڪومت ۾ برداشت ناهي. هن چيو ته انهن کي خبر ناهي ته اپوزيشن ڇا ٿيندي آهي، پنجاب جي اپوزيشن ليڊر کان گاڏي، آفيس ۽ اسٽاف واپس ورتو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اسان کي ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويندو، خواجا آصف جي بيان تي ملڪ کي نقصان پهتو آهي، خواجا آصف ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهڙو بيان ڏنو ۽ بعد ۾ هو پنهنجي بيان جو دفاع نه ڪري سگهيو. سندس چوڻ هو ته جيڪو ٺهراءَ اهي کڻي آيا آهن ان بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، آمريڪي ٺهراءَ هنن ناهي پڙهيو، ٺهراءَ ۾ انساني حقن جي فراهمي ۽ صاف شفاف چونڊن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.