مخدوم جميل ۽ بشير ميمڻ آمهون سامهون: مٽياري جو تڪ اين اي 216 اهم بڻجي ويو

0
170
مخدوم جميل ۽ بشير ميمڻ آمهون سامهون: مٽياري جو تڪ اين اي 216 اهم بڻجي ويو
مخدوم جميل ۽ بشير ميمڻ آمهون سامهون: مٽياري جو تڪ اين اي 216 اهم بڻجي ويو

مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ)مٽياري ضلعي جو قومي اسيمبلي تڪ اين اي 216  اهم بڻجي ويو، پ پ جو مخدوم جميل الزمان ۽ نواز ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ آمهون سامهون، ٻنهي اميدوارن فارم وصول ڪري ورتا

تفصيل موجب اين اي 216 تي انتهائي سخت ۽ دلچسپ مقابلي جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، هن ڀيري هن تڪ تي پيپلزپارٽي جي اميدوار مخدوم جميل الزمان سامهون نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ نامزدگي فارم وصول ڪيا آهن جڏهن ته جي يو آئي پاران سليم سنڌي به اميدوار طور سامهون آيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي جي قومي اسيمبلي واري سيٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو مخدوم جميل الزمان ۽ نواز ليگ سنڌ جو بشير ميمڻ آمهون سامهون هوندا، ضلعي جي قومي اسيمبلي واري سيٽ اين اي 216 تي 2013 ۾  پيپلزپارٽي جي اميدوار مخدوم امين فهيم ۽ مرحوم حاجي عبدالرزاق ميمڻ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو هو

جنهن ۾ مخدوم امين فهيم فهيم کٽي ورتو هو، جڏهن ته 2018 واري اليڪشن ۾ قومي سيٽ تي مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم فضل حسين اليڪشن وڙهي هئي ۽ مخدوم جميل الزمان سوڀ حاصل ڪئي هئي