ڪڪڙ: ڪڪڙ جي مين روڊ تي قائم ٿيل مال جي واڙي مان ساجد خانزادھ جي ڀلوڙ مينھن نامعلوم چور چوري ڪري ڪاھي ويا پيرو کنيو ويو پر پيرو نه لڳو. دادو: دادو شهر جي سورج آباد پاڙي مان چاٻي چور ميونسپل ملازم معشوق  سولنگي جي گهر آڏو بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا آهن.واقعي خلاف ميونسپل ملازمن عباس سهاڳ ۽ شاھ محمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو: شهيد مخدوم بلاول لڳ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار وڪيل چانڊيو ۽ اياز سخيراڻي سخت زخمي ٿي پيا. وڪيل چانڊيو جو پير ڪٽجي ويو. خيرپور: اي سيڪشن پوليس ٻه ڏينهن بلال مسجد ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ نينگر عبدالرحمان اڄڻ کي اي سيڪشن پوليس لقمان واري علائقي مان هٿ ڪري ورتو. * احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا پنھيار مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي چنيسر عرف سھيل پنھيار جي گهر مان ھڪ ڀلوڙ مينھن ڪاھي فرار ٿي ويا.  ڳوٺاڻي جي فرياد تي 3 نامعلوم چورن خلاف احمدپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي. احمدپور پوليس شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻي راھب پنھيار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. * جروار شھر مان پنهنجي اخبار جي ايجنٽ اخترملڪ جي موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا. بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس سکڻو دلاسو ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. * اڪري چودڳي ۾ نامعلوم چور مک مارڪيٽ ۾ واقع زبير اعواڻ جي ڪرياني جي دڪان جي ڇت ٽوڙي هڪ لک رپيا روڪ ۽50 هزار ماليت جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. * سکر ۾ ھٿياربندن ليڪچرار کان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. *رپڙيءَ ڀرسان گلو سيال ٿاڻي جي حد بچاءُ بند وٽ بيٺل نامعلوم ھٿياربند پوليس اھلڪار نديم علي شيخ کي يرغمال بڻائي کانئس 2020 ماڊل سي ڊي موٽرسائڪل، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا*پيرولاشاري ويجھو  ڳوٺ بلاول لاشاري جي رھواسين ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  ڌڻي بخش لاشاري پنھنجن پٽن  حنيف لاشاري، ابرھيم لاشاري سان گڏ دانيهندي چيو ته ڀائر والد جي ملڪيت مان حصو نه ٿا ڏين، دانهڻ تي ڌمڪيون پيا ڏين، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي* سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو اجلاس ضلعي آرگنائيزر مھرين ڀٽي جي صدارت ۽  مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي جي نگراني ھيٺ مڪلي ۾ ڀٽي ھائوس تي ٿيو، ان موقعي تي مڪلي جي اڳوڻي ڪائونسلر رخسانا مگسي ۽ حميدہ ميمڻ سنڌياڻي تحريڪ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو، اجلاس ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڳوٺ محمد حسن پليجو ۾ يونٽ قائم ڪري آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي وئي* ڪورنگي مهراڻ ٽائون مان صحافي فدا جمالي جي گهر ٻاهران بيٺل ڪرولا ڪار چور چوري ڪري فرار ٿي ويا*