نوان جتوئي: نوان جتوئي ڀرسان چور ڳوٺ سهڙا مان بجلي ٽرانسفارمر مان ڪوائلون ۽  تارون ۽ پورھيت حڪيم ڀٽي جو ڀلوڙ نسل جو ڇيلو چوري ڪري ويا.

دوداپور:  دوداپور واسڻ نورجهان ڪوري ۽ وزيران ڪوري پاڪ ڪتاب کڻي ٻارڙن سان گڏ عبدالستار ڪوري جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو.

لاڙڪاڻو: خوراڪ کاتي جي ننڍن ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به شاھ رکيو لاشاري، غلام حسين بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ گسٽا جي سڏ تي استاد سجاد جعفري جي گرفتاري خلاف نائين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي