محڪوم ماڻهن لاءِ نظرياتي آفيم

0
176
محڪوم ماڻهن لاءِ نظرياتي آفيم

  سقراط ۽ افلاطون اڍائي ھزار سال اڳ چيو ھو ته ھي مادي شيون، مادي دنيا ۽ مادي ڪائنات حقيقي ناھن پر ڪنھن ڏورانهين ۽ ماورائي دنيا (شايد تخيل) ۾ موجود اصل شين دنيا ۽ ڪائنات جا پاڇا ۽ عڪس آھن، يعني دوکي جو ديوارون آھن! معروضي طرح توڙي جو اھا سندن خام خيالي ئي ھئي، ڇو ته مادو ھن ڪائنات جي ھڪ معروضي ۽ اٽل سچائي آھي پر سماجي دنيا دوکي ۽ اعتبار جي خمير ۽ توازن مان ئي ڦٽي نڪتي آھي. جيئن ته دوئيت (Dualism) ۽ ارتقائي نظريي (Evolution)  مطابق شيون اڪيلي سر قائم رھي نه ٿيون سگهن، يعني انھن جو وجود اندروني توڙي بيروني تضادن جي توازن سان ئي قائم آھي، ان ڪري ھر سماجي ۽ نظرياتي توازن نسبتي، عارضي ۽ تبديل ٿيندڙ ھوندو آھي. ھيراڪليٽس سقراط کان به اڳ چيو ھو ۽ صحيح چيو ھو ته دنيا ۽ ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ دائمي ناھي، سواءِ تبديلي جي! جديد دنيا جو گهڻو ورجايو ويندڙ ارتقائي نظريو پڻ تضادن جي توازن بدولت مختلف شين ۽ مخلوقن جي ھڪ وارث مان ڦٽڻ ۽ انھن جي سادين صورتن مان ترقي يافته ۽ پيچيده صورتن ۾ بدلجڻ کي ثابت ڪيو آھي.

دوئيت مطابق دنيا ۾ ھر شيءِ جو ضد يعني گڻ جو اوگڻ، لقاءُ جو ضد- لقاءُ، نظرئي جو ضد- نظريو موجود آهي. ڪجھ رواجي ضد جيڪي ٻار ٻچي جي زبان تي ھوندا آھن ۽ بلڪل عام آھن، اھي ھي آھن: پاڻي- باھ، سٺو-خراب، ڏينھن- رات، انصاف- ظلم/نا انصافي وغيره. سماجي لقائن تي ھونئن ته ڪيترن ئي سماجي سائنسدانن غور ڪيو آھي پر تاريخ ۾ اسان کي سماجي تجزئي بابت ۽ ارتقائي نظرئي جي سماج تي اطلاق بابت ڪارل مارڪس جھڙي عقابي، ڳوڙھي ۽ تنقيدي نظر مشڪل ئي نظر اچي ٿي. مارڪسزم ھڪ خاندان، قبيلي ۽ قوم توڙي ھڪ سماجي اداري، معاشري ۽ ملڪ ۾ طاقتور ۽ ڪمزور طبقن جو معاشي ۽ ٻين مادي وسيلن جي لحاظ سان استحصال جو تجزيو ڪري ٿو. ھن تجزئي ۾ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته طاقتور ٽولو ڪھڙيءَ ريت ڪمزور ٽولي جو معاشي استحصال ڪندي انھن مٿان پنھنجو تسلط قائم رکندو آھي. بدقسمتيءَ سان طبقاتي نظام ۾ مزدور، مظلوم ۽ محڪوم طبقو پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ناجائزين جي باري ۾ اڻڄاڻ ھوندو آھي ۽ سڀني کان آخر ۾ سجاڳ ٿيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو عوام يا ووٽر، مزدور، ھاري ۽ ننڍا ملازم اڪثر ڪري عقيدي، ثقافت، حب الوطني، قبيلي، قوم ۽ جنس جي انيڪ ڄارن ۾ ٻه- ٽنگا ڦاٿل ھوندا آهن. مٿيان تصور ۽ نظريا سڀ دوکي جون ديوارون ۽ ڄاريون آھن. اھي تصور بذات خود گهڻو ڪري بيجان ۽ بيوس ھوندا آھن، ان ڪري حڪمران ۽ سياسي طبقو تعليم جي طاقتور ھٿيار کي سندن آبياري ۽ ترويج لاءِ استعمال ڪندو آھي. ھتي اھم نقطو ھي آھي ته ظالم حڪمران ۽ سياسي طبقي لاءِ جيڪو ڪم ترارون ۽ توپون نه ڪري سگهنديون آھن، اھو  ڪم لاڳاپيل تعليم سان نه رڳو آسانيءَ سان ٿي ويندو آھي پر ان کي ڊگهي عرصي تائين برقرار پڻ رکي سگهبو آھي. روايتي تعليم جو ھي ھڪ ناڪاري پاسو آھي. اھو ئي سبب آھي جو عوام جي اڪثريت ڏھاڪن تائين ھيٺئين سماجي طبقي کان ٻاھر نڪري نه سگهندي آھي.

طاقتور، ظالم ۽ غالب سياسي طبقو تعليم جي ناڪاري پاسي کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندي ڪڏھن حب الوطني جو پرچار ڪندو آھي، ته ڪڏھن وري ٻوليءَ کي ھٿيار ٺاھيندو آھي؛ ڪڏھن اھو ريتن روايتن جو پرچار ڪندو آھي، ته ڪڏھن عوام جي ثقافتي ھيروز کي ڪيش ڪرائيندو آهي؛ اھو ڪڏھن پنھنجي نام نھاد دفاعي ۽ ويڙھاڪ طاقت (جيڪا اصل ۾ پنھنجي عوام کي ئي طاقت ۽ ظلم جو نشانو بڻائيندڙ ۽ اھڙي نمائش ڪندڙ ھوندي آھي) کي ڍال بڻائيندو آھي، ته ڪڏھن وري عوام کي پنھنجي عظمت رفته ۽ پروپيگنڊا تي مبني ماضي جي نام نھاد ڪاميابين ۾ مسحور رکندو آھي. اھو ڪڏھن حقيقي تاريخ کي مسخ ڪندو آھي، ته ڪڏھن وري غدارن کي ھيرا ۽ اصل ھيرن کي غدار قرار ڏئي پنھنجا مفاد ماڻيندو آھي. اھو ڪڏھن غربت ۽ ظلم کي تقدير جو لکيو قرار ڏيندو آھي ته ڪڏھن تصوراتي ۽ اڻ ڏٺل جھان جي انعام جي حصول لاءِ عوام ۾ نقل، نفرت ۽ انڌي تقليد جا ٻج ڇٽي سندن زندگيون جھنم بڻائيندو آھي. اھو ڪڏھن عقل ۽ استدلال تي عار بڻجي دنيا ۾ سچ جي سج جيان روشن سچن علمن ۽ سندن دانشورن کي دنيا جو داغ قرار ڏيندو آھي، ته ڪڏھن وري پنھنجي دقيانوسي سوچ کي حق ۽ سچ جو اڻٽر عالمي فلسفو قرار ڏيندو آھي. اھو ڪڏھن لکن جي تعداد ۾ پنھنجا ماري ۽ مارائي ان کي بغاوت چٿڻ جو نالو ڏيندو آھي، ته ڪڏھن وري ظلم جي مار ڌاڙ ۾ پنھنجي ٽولي جي چند ماڻھن جي مرڻ تي انھن کي شھيد قرار ڏئي انھن لاءِ سوڳ جو اعلان ڪندو آھي. ڪڏھن اھو پنھنجن عوام دشمن پاليسين سان روزاني جي بنياد تي ناقص اسپتالن، روڊن، عدالتن، مارڪيٽن، ھاسٽلن، بچاءُ بندن ۽ ٻين عوامي ادارن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مرندڙ ۽ تڙپندڙ عام ماڻھن کي خدا جي کاتي ۾ وجھندو آھي، ته ڪڏھن مھانگائي ۽ بيروزگاري يعني ناقص معيشت تعليم ۽ ترقي جي پاليسين جو کاڄ بڻجڻ ۽ برساتن ۽ ٻوڏن ۾ سرڪاري عملدارن جي بدعنواني سبب لکين ماڻھن جي دربدر ٿيڻ ۽ موت جي منھن ۾ وڃڻ کي سندن ئي عملن جي سزا ڄاڻائيندو آھي. جيئن نشي ۾ وقتي طرح اسان تي سرور ۽ اوج واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي ۽ اسان دنيا جي معروضي ۽ عقلي اڻوڻندڙ سچائين جھڙوڪ سور، تڪليف، مظلوميت وغيرہ کان آجا ٿي ويندا آھيون، تيئن ھڪ سچو پيروڪار پڻ پنھنجي دنياوي تڪليفن ۽ اڻھوند واري حال کي به سرجڻهار جي رضا سمجهي ان تي راضي رھي ٿو ۽ انهن تڪليفن جو ثمر مرڻ کان پوءِ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو! مطلب ته حڪمران ۽ ظالم طبقا پنھنجي من-پسند تعليم کي ھٿيار بڻائي محڪومن ۽ غريبن ۾ مختلف نظرياتي آفيم وڪڻي ھڪ پاسي انهن تي پنهنجو تسلط جاري رکندا آھن ته ٻئي پاسي انهن جي محنت مان ڪمايل معاشي ۽ پيداواري وسيلن جي ھڪ وڏي حصي کي مال غنيمت سمجهي پنهنجي زندگيءَ ۽ دنيا کي ئي جنت بڻايو ويٺا ھوندا آھن! اھي نظرياتي آفيم ئي اصل ۾ عام ماڻهن لاءِ دوکي جون ديوارون آھن. ھي ديوارون ھڪ پاسي عوام جي وڏي ٽولي کي سچائي ڏسڻ ۽ پرکڻ کان روڪيو بيٺيون ھونديون آھن ته ٻئي پاسي نظرياتي غلامي کي جاري رکندي سندن استحصال جاري رکنديون اينديون آهن. ھاڻي اچو ته ان حوالي سان پنھنجي سماجي زندگيءَ مان ڪجهه مثال ولوڙي ڪڍون.

ھن دنيا ۾ اخلاقيات آفاقي نه پر نسبتي آھي، جيڪا بين الافرادي سچائي طور ھڪ مخصوص ثقافت ۽ خطي ۾ مروج ھوندي آھي. مختلف ملڪن ۾ صحيح ۽ غلط جون وصفون مختلف نمونن سان ڪيون وينديون آھن، ان ڪري مختلف ملڪن ۾ مختلف قانون لاڳو ھوندا آھن. ھڪ ملڪ ۾ ھڪ سماجي عمل جھڙوڪ ھڪ مرد ۽ عورت جو بنا شادي جي زال مڙس ٿي ھڪ گهر ۾ گڏ رھڻ قابل قبول ۽ صحيح عمل آھي، جڏھن ته ٻئي ملڪ ۾ اھڙو عمل ٻنھي ڌرين لاءِ سنگسار ڪرڻ يا ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙھڻ جھڙو بدترين ڏوھ ۽ غلط عمل آھي!

مقامي سطح تي ڪوبه چور، بدعنوان ۽ ڏوھاري شخص يا ته ڪنھن نه ڪنھن منطق ۽ دليل ھيٺ پاڻ کي ۽ پنھنجن ڪڌن عملن کي بلڪل صحيح، جائز ۽ بھتر سمجهندو آھي، يا وري پاڻ جيڪڏھن انڌن ۾ ڪاڻو يعني اڌ يا ڪجھ ايماندار ھوندو ته پنھنجن ڪڌن عملن کي بي اثر بنائڻ لاءِ پنھنجي ذاتي منطق ھيٺ لٽيل ڪاري ناڻي مان ڪجهه حصو نيڪ ڪمن تي خرچ ڪري پاڻ کي آجو ڄاڻندو ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄاول ٻار وانگر پاڪ سمجھندو. اسان وٽ ته اخلاقيات جا سڀ معيار بلڪل ناپيد، ناڪارا ۽ بنھ ابتا بڻجي چڪا آھن يا ايئن کڻي چئجي ته ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت بدعنوان، ظالم، طاقتور ۽ غالب طبقي طرفان اھڙي سوچ جي آبياري ڪئي وئي آهي. ان جي نتيجي ۾ اخلاق جو ھڪڙو ۽ آخري نام نھاد معيار پئسو وڃي بچيو آھي. جنھن وٽ جيترو پيسو آھي، اھو اوترو با اخلاق آھي، چاھي اھو عوام جون جيئري کلون لاھي انھن کي موت جي گهاڻي ۾ مسلسل پيڙيندو رھي!

ڳالھ جو ڳر اھو آھي ته طاقتور حڪمران ۽ سياسي طبقو تعليم کي ھٿيار بڻائي عوام کي نام نھاد دفاع، عقيدي، ثقافت، حب الوطني، قبيلي، قوم ۽ جنس جھڙن دوکي جي ديوارن ۾ واڙيو بيٺو آھي، ان ڪري جرمنيءَ جي ڪارل مارڪس ۽ برازيل جي پائولو فراري جي طرز تي مظلومن لاءِ فلسفياڻي ۽ تنقيدي تعليم جي فروغ وسيلي تبديلي آڻي سگھجي ٿي!