محمد وسيم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر

0
398
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين
محمد وسيم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر

سنڌ حڪومت محمد وسيم کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين شپ جي ڊوڙ ۾ علم الدين بلو ۽ اڳوڻو چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ آئوٽ ٿي ويا

سنڌ حڪومت جي منظوري بعد محمد وسيم کي 4 سالن لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏيڍ سال کان غيرفعال هئي، جيڪا تازو بحال ڪئي وئي، جڏهن ته لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان چيئرمين جو عهدو خالي پيل هو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي