محدود سياسي سوچ سبب سنڌ کي ٿيندڙ نقصان

0
373
محدود سياسي سوچ سبب سنڌ کي ٿيندڙ نقصان

  سن 70 جي چونڊن ۾ ھر بالغ ماڻھو کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو تنھن سبب سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرميون وڌيون. سياسي ليڊر ۽ سياسي پارٽيون عوام وٽ وڃي انھن جون ھمدرديون حاصل ڪري ووٽ وٺڻ جون ڪوششن ڪندي پنھنجا عوام دوست منشور پيش ڪرڻ سان گڏ عوام جي خدمت ڪرڻ جا وڏا واعدا ڪرڻ لڳيون. ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان جي حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ جيڪو ھندستان سان ھزار سالن تائين وڙھڻ جو نعرو ھنيو تنھن ھن کي ملڪ ۾ مقبول ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ماڻھن ۾ ان جي مقبوليت جا جيڪي سبب ھئا تن ۾ سنڌي ۽ مقامي ھجڻ به ھو جنھن ناتي کيس سنڌ ۾ ڪافي موٽ ملي. سياسي ھلچل سبب عام ماڻھو کي جيڪو حوصلو مليو تنھن به سنڌ جي ماڻھن کي سرگرم ڪري ڇڏيو.

 اھا به حقيقت آھي ته ڀٽي جي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ٻين صوبن وانگر ھن صوبي جي ماڻھن کي نوڪرين ۽ ٻين حقن ملڻ جي حوالي سان جيڪا  سرپرستي ملي تنھن ھتان جي ماڻھن ۾ ڀٽي جي مقبوليت کي برقرار رکڻ سان گڏ ان سان ھڪ قسم جو لڳاءُ پئدا ڪري ڇڏيو.ڀٽي جي شھادت سنڌين کي جتي بي چين ڪيو اتي سندن اندر ان جي خاندان سان ھمدردي پئدا ٿي . ھمدردي جو اھو تسلسل اڄ به ھڪ حد تائين موجود آھي جنھن ھيٺ ووٽ جو چڱو تعداد ھن پارٽي کي ملي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ھاڻ نئون نسل اچي ويو آھي جنھن کي ان دور جي چڱاين جي سڌ ڪونھي پر پارٽي جي اثر جي تسلسل ھيٺ ھو به ان طرف جھڪيل نظر اچن ٿا.

بينظير جي شھادت کان پوءِ پارٽي جي ڪارڪردگي خراب ٿيندي ويئي. بدعنواني ، اقربا پروري وڌي جيڪا وقت گذرڻ سان وڌنڌي ٿي رھي جنھن مان سنڌ جو عوام خاص ڪري شعور رکندڙ سنڌي بيزار به آھي پر چونڊن جي موقعي تي اھا سوچ ته ڀلا ان جو متبادل ڪو موجود آھي؟. ھي سوچ جواھو پاسو آھي جنھن ماڻھن کي ٻين پارٽين کان پري رکي پ پ پ جو محتاج بڻائي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف وفاقي پارٽيون جن کي ھاڻ سنڌي ماڻھن مان ووٽ ملڻ جي اميد نه رھي آھي سي سنڌين کي حق ڏيڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي حوالي سان نظر انداز ڪن ٿيون. ملڪ ۾ اھو به الميو آھي ته پارٽيون قومي سطح تي سوچڻ بجاءِ پنھنجي ووٽرن ۽ تڪن جي ماڻھن کي نوازڻ تائين محدود ٿي وڃن ٿيون.

ٻين صوبن جي ماڻھن جون وقت سان گڏ ترجيحون مٽجي سندن قومي مفاد ٿي ويا جنھن ڪري ھو ان پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا جيڪا ھو سمجھن ٿا ته سندن صوبي لاءِ فائديمند رھندي. ان ڊوڙ ۾ پارٽيون ان صوبي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ اتان ووٽ وٺڻ لاءِ انھن ماڻھن سان رابطي ۾ رھن ٿيون. ٻين لفظن ۾ ھنن سان سندن ھمدردي رھي ٿي. اتي ھو سنڌي ماڻھن کي چونڊ مھم ھلائڻ کان وٺي حڪومت ۾ ھوندي نظر انداز ڪن ٿا ڄڻ ته سنڌي ملڪ جو حصو ئي نه ھجون . اھا سوچ ٻنھي طرفن کان نه قومي سوچ آھي ته نه وري ملڪ دوستي. اھڙي صورتحال ۾ مجموعي طور نقصان سنڌي ماڻھن جو ٿئي ٿو.ڏٺو وڃي ته وقت جي حڪومت کان پري رھڻ وارو سلسلو جيڪو انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان شروع ٿيو سو اڄ به جاري آھي. ان جي موٽ ۾ جتي انگريزن سنڌي ماڻھن کي نظر انداز ڪيو اتي ورھاڱي کان پوءِ وارين حڪومتن جو به سنڌين سان ساڳيو رويو جاري رھيو.ان صورتحال جو ٻيو وڏو نقصان اھو آھي ته سنڌ جي ڪنٽرول لاءِ ھڪ پارٽي ۽ ان تي قابض ٽولو وڃي رھي ٿو جنھن کي اسٽيبلشمينٽ ڪڏھن سختي ڪري ڪڏھن انھن جي ڪرتوتن کي نظر انداز ڪري انھن کي اقتدار ۾ حصو ڏئي پنھنجو مقصد حاصل ڪري ٿي. عوام طرفان ملندڙ انڌي حمايت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي جي ڪري ھن پارٽي کي ڄڻ ته ڪرپشن جو لائسنس ملي وڃي ٿو ھن پارٽي جا اڳواڻ پوءِ عوام کي ڪجھه سمجھن ئي نه ٿا.

ان ڪري سنڌ جو صوبو مسئلن ۾ وڪوڙجي ويو آھي. روزگار ته پري پر پيئڻ جو پاڻي جي اڻاٺ، شھرن جي صفائي پريشان ڪندڙ حد تائين خراب ٿي ويئي آھي.ٻئي طرف ملڪي پارٽيون اڪثر ڪري سنڌ ۾ ٿوريون سيٽون رکندڙ شھري پارٽي ايم ڪيو ايم کي اھميت ڏئي، ان جون چند سيٽيون حڪومت سازي ۾ استعمال ڪري کيس نوازين ٿيون. ان پوزيشن سبب ھڪ ته ھن پارٽي کي اقتدار ۾ ھر دور ۾ حصو ملي وڃي ٿو جنھن جو مجموعي طور تي نقصان سنڌي ماڻھن جو ٿئي ٿو . جيڪڏھن سنڌ مان وفاقي پارٽين کي ووٽ ملن ته اھي سنڌي ماڻھن کي اھميت ڏينديون ۽ ترقياتي ڪم جو حصو به ڏينديون. ايئن سنڌ جا ماڻھو پڻ ملڪي سياست جو حصو ٿي ويندا ۽ سياسي محاذ تي جيڪا سندن اڪيلائي آھي سا به نه رھندي. سنڌين جو ڊگھو عرصو ملڪي ڌارا کان ڪٽيل رھڻ سنڌي کي وڌيڪ نقصان ڏيندو. ملڪي ماڻھو سنڌين کي ڪا جدا مخلوق سمجھندي ان کي نرالي مزاج جي قوم سمجھڻ لڳا آھن. پ پ پ مخالف پارٽي يا اڳواڻ پوءِ ڀلي ايماندار ۽ متحرڪ ھجي پر اسان ان جي ان ڪري اجائي مخالفت ڪندا آھيون جو ان جي پ پ پ مخالف آھي ان ڪري ضرور سنڌ دشمن ھوندو. ٻين لفظن ۾ ته سنڌ جي سڄڻ فقط پ پ پ ئي آھي باقي دنيا سنڌ دشمن آھن.

سنڌي ماڻھن جو ھڪ طبقو جيڪو پڙھيل لکيل ۽ قوم پرست آھي تنھن بنگال جي علحدگي کان پوءِ آزادي جي جيڪا اجائي اميد رکي نوجوانن کي ان رستي تي لڳايون آيا تن پڻ سمجھدار ماڻھن جي وڏي تعداد کي قومي سياست کان پري رکيو جنھن سبب ماڻھن وٽ پ پ پ ھڪ ئي پارٽي وڃي رھي جنھن کي ووٽ لاءِ موٽ ڏيڻ لڳا. اسان جي قوم پرست طبقي کي اھا حقيقت مڃڻ گھرجي ته سنڌ نه بنگال آھي نه  وري سنڌ جو ماڻھو موجوده جاگرافيڪل پوزيشن ۾ ڪو ڊگھي مزاحمت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھي.ان ڪري سنڌ جي ماڻھن کي به ملڪي سوچ موجب ٻين وفاقي پارٽين کي ووٽ ڏئي انھن جو اعتماد بحال ڪري انھن جو ڌيان سنڌ جي پوئتي پيل علائقن طرف ڇڪائڻ گھرجي. جيڪا وفاقي پارٽي سنڌ جي ماڻھن کان ووٽ وٺندي سان ھڪ ته پنھنجي ووٽرن جو خيال رکندي.

ٻيو اھا پارٽي ٻين صوبن سان گڏ سنڌ جي ماڻھن جي ساٿ سبب ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلينگ کان به آجي ٿي ويندي جنھن جو به فائدو سنڌ کي پوندو. ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم به اھميت وڃائي سنڌ جي ماڻھن جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.اسان به وفاق جو حصو آھيون ان ڪري مرڪز ۾ ٿيندڙ سياست جو حصو ٿيڻ گھرجي جنھن ۾ اسان جو ڀلو آھي. وقت اچي ويو آھي ته اسان کي محدود دائري واري سوچ مان نڪري صوبي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ وفاقي پارٽين جو حصو ٿي ملڪي سياست ۾ حصيدار ٿيڻ سان ملڪي ترقي مان حصو وٺڻ گھرجي. اسان ھڪ پارٽي جي عشق ۾ گھڻو نقصان ڪيو آھي. ان جي سحر مان به نڪرڻ جي گھرج آھي. محدود سوچ جي دائري ۾ رھڻ ڪري ڪٿي سنڌي کي وڏيرن جو غلام چيو وڃي ٿو، ڪٿي وري انھن کي سياسي سجھه کان وانجھيل چيو وڃي ٿو. سنڌ جو باشعور ماڻھو ان محدود سياسي سوچ جي ڪري اجايو بدنام ٿي رھيو آھي.