متحده ڪارڪنن تي تشدد جو ڪيس وڏي وزير ۽ آءِ جي خلاف داخل ڪرڻ جي درخواست رد

0
189
آءِ جي سنڌ

ڪراچي: ڪراچي ۾ بلدياتي ترميمي بل خلاف احتجاج دوران متحده ڪارڪنن تي تشدد جو ڪيس وڏي وزير ۽ آءِ جي خلاف داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آھي

 ڪراچي جي عدالت متحده پاڪستان جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت چيو آهي ته درخواستگذار چاهي ته پرائيويٽ ڪمپلين داخل ڪري سگهي ٿو، ڪنور نويد جميل  26 جنوري تي احتجاج دوران تشدد جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي