ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هر معاملي ۾ لسانيت کڻي اچي ٿي، نوڙي سڙي وئي پر وٽ نه ڇڏيو ، ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته جڏهن اوهان پنهنجي قائد سان تعلق ترڪ ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ سندس سوچ سان به تعلق ختم ڪريو، قبضا ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڪرائي روشنين جي شهر جو ٻيڙو غرق ڪرڻ وارا ته اوهان ئي آهيو، هاڻي واڳون وارا ڳوڙها پيا وهايو، پر ڪراچي جو باشعور اوهان کي سڃاڻي چڪو آهي، اردو ڳالهائيندڙن جي نالي تي پنهنجا کيسا ڀريندڙن کي هاڻي عوام رد ڪري چڪو آهي، اين اي 249 تي اوهان جو اميدوار 6نمبر تي هو، هن چيو ته آدمشماري تي پ پ جو پهرين ڏينهن کان واضح موقف آهي ته سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، اوهان ته رڳو ٻن وزارتن جا مزا وٺڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان آدمشماري تي سودو ڪيو، اوهان کي ڪراچي جو ايترو ڏک آهي ته پوءِ وزارتن تان استيعفائون ڏيو، هن چيو ته ڪراچي پرامن شهر بڻجي ويو آهي، ڪنهن کي به هتان جو امن خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، هتي سموريون قومون پاڻ ۾ گڏجي رهن پيون.