ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراھي ڪاميٽي جو اجلاس ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب اجلاس ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن لاءِ مصطفي ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ فيصل سبزواري تي ٻڌل 4 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ حڪومتي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي بجيٽن جو جائزو ورتو ويو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته پگھاردار طبقي لاءِ بجيٽ تي نظرثاني ڪئي وڃي.