اسلام آباد (بيورو رپورٽ) متبادل توانائي بورڊ ۽ پنجن ادارن وچ ۾ سولر اسٽيشنن جي منتقلي جي حوالي سان معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي، جنهن تي متبادل توانائي بورڊ جي سي اي او شاهجهان مرزا ۽ نجي ادارن جي سربراهن صحيحون ڪيون، معاهدي تحت اي اي ڊي بي سولر ڊيٽا اسٽيشنس جو ڪنٽرول انهن ادارن حوالي ڪري ڇڏيو، سولر اسٽيشنون نسٽ، يو اي ٽي لاهور، يو اي ٽي پشاور ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي حوالي ڪيا ويا آهن، پنجاب توانائي ڊپارٽمينٽ کي به سولر اسٽيشن حوالي ڪئي وئي، اهي سولر اسٽيشنون 2014ع ۾ تعمير ڪيون ويون هيون، انهن جي ڊيٽا جي بنياد تي يونيورسٽيون متبادل توانائي تي تحقيق ڪنديون، اي اي ڊي پي ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ملڪ ۾ سولر ۽ ونڊ اسٽيشنون تعمير ڪيون هيون، سولر ميپنگ تحت 2014ع ۾ 9 اسٽيشنون قائم ٿيون، جن مان 8 اسٽيشنون مختلف يونيورسٽين ۾ تعمير ڪيون ويون هيون، هڪ سولر اسٽيشن قائد اعظم سولر پارڪ ۾ تعمير ڪئي وئي هئي.